14 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي: عوامي هنڌن تي گند اڇلائيندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو حڪم

Karachi: People order to take action to combat against smugglersڪراچي(ويب ڊيسڪ) واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس(ر) امير هاني مسلم عوامي هنڌن تي گند اڇلائيندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته واٽر بورڊ جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ايم ڊي ٺيڪ آهي پر سڄي عملي جو رويو درست ناهي، هتي سمورا ادارا سياسي ٿي ويا آهن، جيستائين کاتن کي غير سياسي نه ڪيو ويندو تيستائين ڪم نه هلي سگهندو. ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ميئر شڪايت ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارا  هر هنڌ روڊ کوٽي ڇڏيندا آهن، جنهن تي واٽر ڪميشن جي سربراهه چيو ته جيڪو به قانون جي خلاف ڪم ڪندو ان خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي، لاڳاپيل اختيارين جي اجازت کان سواءِ ڪنهن کي روڊ کوٽڻ جي اجازت ناهي. سينٽرل ضلعي جي چيئرمين ريحان هاشمي ڪميشن کي ٻڌايو ته واٽر بورڊ جي نااهلي سان هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايس ۽ پيپلز چورنگي تي لائنون ٽٽي رهيون آهن، جنهن جسٽس (ر) امير هاني مسلم چيو ته اڄ پاڻ وڃي ڏسندس ته ڪٿي پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه سمورين ڊي ايم سيز کي برسات ۾ بند ٿيندڙ برساتي نالين جي نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو آهي ته عوامي هنڌن تي گند اڇلائيندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايف آءِ اي جي سادي سوالنامي جو جواب ڏيندس: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے