17 ہفتہ , نومبر 2018

اصغر خان عملدرآمد ڪيس: سمورن ادارن کي ايف آءِ اي سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ بچاءَ واري وزارت سميت سمورن ادارن کي ايف آءِ اي سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ  اصغر خان عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي جاويد هاشمي، مير حاصل بزنجو، عابده حسين، غلام مصطفيٰ کر، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، اسد دراني۽ روئيداد خان سميت ٻيا پيش ٿيا.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا نواز شريف بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته سندس بيان اچي چڪو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اصغر خان عملدرآمد ڪيس ۾ وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي، هڪ منٽ ضايع ڪرڻ کانسواءِ جاچ مڪمل ڪئي وڃي ۽ ايف آءِ اي جنهن کي گهرائي تنهن کي وڃڻو پوندو. هن چيو ته عدالت جي دائري ۾ ڪنهن ايجنسي جو ڪو زور ناهي. چيف جسٽس عدالت ۾ موجود سينئر سياستدان جاويد هاشمي سان مخاطب ٿيندي چيو ته مان ڀاٽي مان چونڊ وڙهان ته نه ٿو کٽي سگهان، هاشمي صاحب مون کي اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻو آهي پر آئين جي حفاظت ڪرڻي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے