15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو ڄام: وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن يونٽ جي ملازمن جو  مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Tandojam: Protest for accepting the demands of VSA workers*ٽنڊوڄام ۾  وٽنري اسٽاف ايسوسيئشن يونٽ سي وي ڊي ايل جي ملازمن پاران  مطالبن جي مڃتا لاءِ  آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

 ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري نيڪ محمد بهراڻي، رضوان شيخ،  محمد حنيف بهراڻي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر عبدالاحد سومرو شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي آفيس اندر گهڙي اسٽاف کي گارگند ڪئي ۽ گل حسن بهراڻي کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون.

 هنن چيو ته ڊاڪٽر عبدالاحد  سومرو کي فوري طور سي وي ي ايل ٽنڊوڄام يونٽ مان بدلي ڪيو وڃي.

 هن چيو ته گذريل ڪافي عرصي کان ننڍن ملازمن جي رهيل پروموشن تي عمل يقيني بڻايو وڃي.

 هنن گهر ڪئي ته سندن مطالبا ترت پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے