13 منگل , نومبر 2018

پاڪستان جي معيشت ۽ انڊسٽري جي صلاحيت مفلوج ڪئي وئي آهي : اسد عمر

لاهور ( ويب ڊيسڪ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته هڪ سال جو خسارو هڪ مهيني ۾ ٿيو آهي ، پاڪستان جي  معيشت ۽ انڊسٽري  جي صلاحيت  مفلوج ڪئي وئي آهي  ، گذريل ٽن سالن کان چئي رهيا آهيون ته حڪومت معيشت زيرو ٿي رهي آهي . اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته پرڏيه ناڻي جا ذخيرا  خطرناڪ حد تائين  ڪري پيا آهن. نگران حڪومت کي معيشت  بابت پاليسي ڏيڻ گهرجي .سمرين دعوائن باوجود لوڊشيڊنگ ۾ ڪا به گهٽتائي  ناهي آئي.  نگران حڪومت  حقيقتن تي ٻڌل  ناڻي جا ذخيرن بابت سچ ٻڌائي .  پي ٽي آ3 اڳواڻ چيو ته  بجلي شارٽ فال  ساڍا چار هزار ميگاوٽ آهي سڀني کان خطرناڪ ڪم 8 ارن شات ٽرم قرض ورتو ويو  آهي گهٽ ٽرنز  تي ڪمرشل قرض ورتا ويا آهن.  ناڻي جا ذخيرا  ڪري رهيا آهن ، اهي ڪري ڪري 6 هفتا رهجي ويندا  ، اسٽيٽ بئنڪ  جيڪا ڳالهه پن هنجي رپورٽ ۾ ٻڌائي آهي  اها پهريان ڪئي ويندي هئي . اسد عمر چيو ته  حڪومت 2 هزار 384 ارب جا اسٽيٽ بينڪ کان قرض ورتا جنهن طرح سان زخيرا ڪري رهيا آهن ڪجهه مهينا به ايئن هلي سگهن ٿا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے