16 جمعہ , نومبر 2018

شريف ڀائر ذهني طور تي مفلوج ۽ عقلي بحران جو شڪار آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته شريف ڀائر ذهني طور تي مفلوج ۽ عقلي بحران جو شڪار آهن. هن چيو ته عمران خان ڪي پي ۾ ترقياتي ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو .اها ڳالهه هن  شهباز شريف جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته  پي ٽي آ3 ڪي پي  ۾  ۾ جڏهن حڪومت سنڀالي ته صوبو جنگ جو ميدان بنيل هو .ڪرپشن ۽ بدانتظامي  ڪي پي کي مڪمل  طور بدحال ڪري رکيو هو .  هن چيو ته صوبائي حڪومت  تعليم کي هٿي  ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو  جنهن سبب ڪي پي ۾ تعليم  تي سيڙپڪاري  جا اثر نسلن تائين برقرار   رهندا .  هن چيو ته عمران ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي . هن چيو ته عمران ڪرپشن جي الزام تان پنهنجي درجن  ميمبرن کي ڪڍيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

PM Imran disqualification: Lawyer asked to present arguments for petition to be maintainable

عمران خان نااهلي وارو معاملو: درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ لاءِ وڪيل کي وڌيڪ دليل ڏيڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ وزيراعظم عمران خان جي نااهلي واري درخواست ٻڌڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے