15 جمعرات , نومبر 2018

سنڌ پوليس ۾ خراب سروس رڪارڊ رکندڙ اهلڪارن جي فهرست تيار

Preparing a list of poor service-based personnel in Sindh Policeڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سنڌ پوليس ۾ خراب رڪارڊ رکندڙ اهلڪارن جي فهرست تيار ٿي وئي، جنهن ۾ سپاهي کان ويندي  انسپيڪٽر رينڪ تائين جا اهلڪار شامل آهن. رپورٽ  ايڊيشنل آءِ  جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي  ۽ ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي،  جنهن ۾ سزائون پڻ تجويز ڪيون ويون آهن. رپورٽ تيار ڪرڻ  کان اڳ سنڌ پوليس جي شڪي اهلڪارن جي فهرست ٺاهي وئي جنهن ۾ گڏيل طور تي 1972 اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو. ان فهرست ۾ 205 اهلڪار شڪي ۽ خراب سروس رڪارڊ رکندڙ هئا،  جڏهن ته رپورٽ ۾ 20 اهلڪارن مٿان سنگين الزام هئڻ ڪري سندن نوڪريون ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي،  7 اهلڪار توڙي آفيسر اڳ ئي برطرف ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ 140 اهلڪارن کي وقت کان اڳ ريٽائر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.  24 اهلڪارن خلاف انڪوائري پڻ هلي رهي آهي،رپورٽ ۾ ڪنهن به موجودا ايس ايڇ او جو نالو شامل ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سئو ڏينهن ۾ جيڪي ڪم ڪيا آهن تاريخ ۾ ڪا حڪومت انهن جي ويجهو به نه پهتي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے