22 پیر , اکتوبر 2018

ڪراچي نامعلوم ماڻهن کان آزاد ٿي وئي، پ پ شهر ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  جيالن کي ڪراچي ۾ ڀرپور چونڊ مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي چيو  آهي ته پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي مان ڪلين سوئيپ ڪندي، ڪالهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  جي صدارت هيٺ پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس بلاول هائوس ۾ ٿيو، جنهن دوران ايندڙ چونڊن بابت حڪمت عملي تي ويچاريو ويو. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شيري رحمان، راشد رباني، وقار مهدي، پ پ پ ڪراچي ڊويزن جو صدر سعيد غني، جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، نبيل گبول، يوسف بلوچ، نجمي عالم، خليل هوت، ڪرم الله وقاصي، ناديا گبول، نادر گبول، شڪيل چوڌري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پ پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچي شهر نامعلوم ماڻهن جي چنبي مان آزاد ٿي چڪو آهي ۽ پ پ پ جي گذريل حڪومت جي ڪاوشن ۽ قدمن سبب شهر ۾ امن بحال ٿيو. هن چيو ته ڪراچي جو عوام پهريون ڀيرو ڪنهن به خوف ۽ خطري کانسواءِ پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ پ ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي مان سوئيپ ڪندي، ڇاڪاڻ ته ان شهر جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ محدود مينڊيٽ باوجود عوام پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شهر لاءِ ڪيل خدمتن ۽ منفي پروپيگنڊا ۾ فرق سولائي سان سمجهي سگهي ٿو. هن ڪراچي جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو ته هو ڀرپور اليڪشن مهم جي شروعات ڪن ۽ پارٽي جو پيغام هر گهر ۾ پهچائين ته اسان سمورن رهواسين لاءِ ڪراچي کي موقعن سان ڀرپور شهر بڻائينداسين.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوج بابت بيان تي نهال هاشمي خلاف درخواست داخل

لاهور ( م ڊ ) پاڪ فوج بابت بيان تي شهري مسلم ليگ ن اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے