22 پیر , اکتوبر 2018

ملڪ اسد کي شڪست لاءِ ڄامشورو اتحاد قائم، سڪندر شورو به شامل

ڪوٽڙي/ سن  (نمائندا) ڄامشوري ۾ پ پ اميدوارن کي هارائڻ لاءِ پ پ جي باغي اڳواڻ ۽ ايس يو پي اڳواڻن، ڄامشورو اتحاد قائم ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ سيد هائوس ڄامشوري ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، پ پ جي باغي اڳواڻن سڪندر شورو، ملڪ چنگيز خان، صالح برهماڻي ۽ جميل باريجو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته اسان ڄامشورو اتحاد جوڙيو آهي، جنهن جا سڄي ضلعي ۾ اميدوار پ پ اميدوارن جو مقابلو ڪندا، اڳواڻن موجب قومي تڪ اين اي 233 ۽ پي ايس 80 سيوهڻ تي سيد جلال محمود شاهه، پي ايس 82 ڪوٽڙي تي سڪندر شورو ۽ پي ايس 81 ٿاڻو بولا خان تي صالح برهماڻي ڄامشورو اتحاد جا اميدوار هوندا، اڳواڻن موجب اتحاد طرفان ٻين جماعتن سان به رابطا ڪيا ويندا ۽ هر حال ۾ ملڪ اسد کي هارائينداسين، هنن چيو ته اتحاد جو مقصد عوام کي غلام رکندڙ سياسي ٽولي مان جان ڇڏائڻ آهي، مشرف، ضيا ۽ پ پ دور  ۾حڪومتن ۾ شامل رهندڙ سردار قدرتي وسيلن سان مالا مال ضلعي کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر سڪندر شوري سوال جي جواب ۾ چيو ته 45 ورهين کان پ پ جو ساٿ پئي ڏنو، ڄامشوري جو سردار عوامي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي ناراض ٿيو، هن پارٽي قيادت کي مس گائيڊ ڪري ٽڪيٽ ورتي، الڳ چونڊ عوامي مفادن خاطر پيو وڙهان، عوام کي مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوج بابت بيان تي نهال هاشمي خلاف درخواست داخل

لاهور ( م ڊ ) پاڪ فوج بابت بيان تي شهري مسلم ليگ ن اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے