22 پیر , اکتوبر 2018

سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بدلائڻ جو حڪم، اڄ منظوري، اي ڊي خواجا جي جاءِ تي شعيب دستگير جي آمد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جين کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ ۾ اي ڊي خوجا جي جاءِ تي شعيب دستگير جي اچڻ جا مڪان آهن، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي خط لکي حڪومت کي سڀاڻي تائين جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن 2018ع جي سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس 14 جون تي طلب ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس خميس تي ڏينهن جو 10 وڳي ٿيندو. بچاءَ، گهرو ۽ اترين علائقن جا سيڪريٽري اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. ڊي جي ايم او، سمورا چيف سيڪريٽري، آءِ جيز ۽ چيف ڪمشنر کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ويندو. بدلين جي حوالي سان نگران وزيراعظم ناصر الملڪ نگران ڪابينا جو هنگامي اجلاس اڄ  طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ بدلين جي منظوري ڏني ويندي. هوڏانهن اطلاع آهن ته سنڌ ۾ آءِ جي اي ڊي خواجا کي بدلي ڪري  آزاد ڪشمير جي آءِ جي ڊاڪٽر شعيب دستگير کي مقرر ڪيو ويندو.جڏهن ته نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ سان خيبرپختونخوا جي گورنر اقبال ظفر جهڳڙا اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ سان چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ايندڙ عام چونڊن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته نگران حڪومت شيڊول موجب آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.  ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران ٽنهي صوبن جي آءِ جيز جي جي حتمي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن موجب سنڌ مان اي ڊي خواجا کي هٽائي شعيب دستگير کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اهڙي طرح ڪليم امام آءِ  جي پنجاب ۽ خالق داد لڪ آءِ جي ڪي پي ڪي مقرر ٿيندا، نجف مرزا کي آزاد ڪشمير جو آءِ جي مقررڪيو ويندو جڏهن ته بلوچستان جي آءِ جي معظم جان انصاري کي نه هٽايو ويندو. ذريعن ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي تبديلي وارو نوٽيفڪيشن 24 ڪلاڪن اندر نڪرڻ جو امڪان آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اهڙو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي ڪيو آهي، آءِ جي سنڌ جي اچڻ سان سنڌ پوليس ۾ به وڏي پيماني تي ايس ايس پي سميت پوليس آفيسرن جي مقررين ۽ بدلي جو امڪان آهي.11

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوج بابت بيان تي نهال هاشمي خلاف درخواست داخل

لاهور ( م ڊ ) پاڪ فوج بابت بيان تي شهري مسلم ليگ ن اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے