21 اتوار , اکتوبر 2018

جنهن فيصلي کي ن ليگ وارن سياست بڻائڻ چاهيو اهو انهن جو سياسي موت بڻجي ويو: شيخ رشيد

The decision which he wanted to make a NCP politics became his political death: Sheikh Rashidعوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد سپريم ڪورٽ طرفان پنهنجي نااهلي لاءِ داخل ن ليگي اڳواڻ شڪيل اعواڻ جي درخواست رد ٿيڻ بعد پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته جنهن فيصلي کي هنن سياست بڻائڻ چاهيو اهو انهن جو سياسي موت بڻجي ويو آهي.  سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڄ پوري دنيا ۾ پاڪستانين ننڊ نه ڪئي پر سندس لاءِ  خدا جي بارگاهه ۾ ٻاجهه جا هٿ کنيا . مسلم ليگ ن تي تنقيد ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته جنهن فيصلي کي انهن سياست بڻائڻ چاهيو اهو فيصلو هنن جو سياست موت بڻجي ويو آهي. جيڪي منهنجو سياسي موت ڏسڻ چاهن ٿا مان انهن جي سياسي زندگي ڏسڻ چاهيان ٿو. شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن فيصلو منهنجي خلاف به اچي ها ته ان کي قبول ڪريان ها، مان نواز شريف ناهيان. ان موقعي ته هن 22 تاريخ تي لياقت باغ ۾ قومي اسمبلي جي تڪ اين 60  جو جلسو ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے