21 بدھ , نومبر 2018

ڊاڪٽر سعيد عوام جي خدمت جي جذبي سان پاڪستان آيو آهي، هو پنهنجي فيلڊ ۾ وسيع تجربو رکي ٿو: چيف جسٽس

Dr. Saeed has come to Pakistan with the interest of the people, he has extensive experience in his field: Chief Justiceلاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊاڪٽر سعيد غريب عوام جي خدمت جو جذبو کڻي پاڪستان آيو آهي، هن جو پنهنجي فيلڊ ۾ وسيع تجربو آهي، جنهن جي اسان قدر ڪيون ٿا، چيف جسٽس اهي ريمارڪس سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر  جي آڊٽ لاءِ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي  دوران ڏنا. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽييٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر جي پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن خواهش آهي ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ وارو پنهنجو مشن جاري رکن ۽ ڊاڪٽر سعيد اختر کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽييٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر جي تعمير لاءِ  تي 20 ارب رپين جي لاڳت آئي آهي، جنهن کي هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپني ٺاهي رهي آهي، ان ڪم ۾ بي قاعدگين ۽ بي طابطگيون ڳولڻ ۾ توهان اسان جي مدد ڪيو.جنهن تي  پي ڪي ايل آءِ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر پروفيسر سعيد اختر عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي اڪائونٽ شفاف آهن، ۽ ڪنسٽرڪشن جو تفصيلي آڊٽ جاري آهي، جنهن لاءِ اسان ڀرپور مدد ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے