17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪارڪنن جي احتجاج بعد عمران خان پاران تڪراري ٽڪيٽن تي نظرثاني جو اعلان

Federal SSP has challenged Imran Khan's verdict in the violence caseرياض(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 90 سيڪڙو پارٽي ٽڪيٽون صحيح ڏنيون ويون، 10 سيڪرو تي پراڻن ڪارڪنن جا خدشا ختم ڪنداسين.سعودي جي شهر مديني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته خميس کان تڪراري ٽڪيٽن تي نظرثاني ڪئي ويندي.هن چيو ته عوام ڏوهي کي حڪمران بڻائي ڇڏي ته ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، ڪڏهن اهو نه سوچيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي.عمران خان چيو ته اسان خيبرپختونخواهه کي ترقي جي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي، صوبو صحت، تعليم ۽ ماحوليات ۾ ٻين صوبن کان اڳتي نڪري ويو آهي.اڳوڻي گهرواري ريحام خان جي ڪتان جي حوالي سان هاڻوڪي تڪرار تي هن جو چوڻ هو ته ڪتاب جي شايع ٿيڻ يا ڪنهن به اسڪينڊل سان تحريڪ انصاف کي نقصان نه پهچندو.هن الزام مڙهيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري 2013ع ۾ آر اوز جي مدد سان نواز شريف کي کٽايو، جڏهن نواز شريف ان کي صدر نه بڻايو ته هو پوئتي هٽي ويو. تحريڪ انصاف جو چيئرمين اڄ عمري جي ادائيگي لاءِ مڪي پاڪ ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ڊاڪٽر مجاهد ڪامران جي الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نيب اڳوڻي پنجاب يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجاهد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے