17 بدھ , اکتوبر 2018

پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ يقيني ٿيڻ گهرجي

ميڊيائي اطلاع آهن ته ملڪ جي درياهن ۽ ڊيمن جي وهڪرن ۾ بهتريءَ باوجود سنڌ شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي کوٽ 80 سيڪڙو ٻڌائي وڃي ٿي. اهڙي کوٽ هوندي به صوبن کي پوکي راهي ۽ پيئڻ جي ضرورتن لاءِ گهربل پاڻي مُهيا ڪرڻ بدران ڊيم ڀرڻ جو سلسلو جاري آهي. اطلاع آهن ته اسڪردو ۾ گرمي پَدُ وڌڻ سبب ڊيمن ۾ پاڻي جي فراهمي بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ سومر ڏينهن هڪ لک 62 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو داخل ٿيو، جنهن منجهان ساڍا 66 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊيم ۾ ئي ذخيرو ڪري باقي هڪ لک 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي سنڌوءَ جي نظام ۾ ڇڏيو ويو.

اهي اطلاع به آهن ته کوٽ هوندي به پنجاب کي گهرج موجب پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ پنجاب کي چشما رائيٽ بينڪ ڪينال ذريعي 4 هزار  300 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو  وڃي. جڏهن ته تونسا، پنجند ڪينال ذريعي هڪ هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي رهيو آهي.

هوڏانهن سنڌ جي نگران وڏي وزير آبپاشي اختيارين کي پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي جي رسد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي پاڻي چورن خلاف سخت ڪارروائيءَ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سومر ڏهاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته دريائي وهڪرن ۽ ڊيمن ۾ پاڻيءَ جي صورتحال بهتر ٿيڻ باوجود سنڌ اندر خاص ڪري پڇڙيءَ  جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهميءَ ۾ ڪا بهتري ناهي آئي. هوڏانهن ايوان زراعت  سنڌ جي اڳواڻن عوامي آواز سان ڳالهائيندي تجويز ڏني آهي ته سنڌ اندر آبپاشي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ لاءِ آبپاشي نظام هڪ سال لاءِ رينجرز حوالي ڪيو وڃي.

پاڻيءَ جي شديد کوٽ اڄ ملڪ جو ٻرندڙ مسئلو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان بحٿ به ٿيڻ گهرجي ۽ اُن جو ڪو به جوڳو متبادل ڳولڻ جي به ضرورت آهي. جيئن سنڌ کي هميشه پنجاب طرفان سندس حصي جو پاڻي کڻي وڃڻ جي شڪايت پئي رهي آهي، تيئن هو بهو اهڙي ئي شڪايت وري سنڌ ۾ پڇڙيءَ جي آبادگارن کي منڍ جي آبادگارن کان پئي رهي آهي.

اسان وٽ جيئن ته قانون تي، معاهدن تي عمل ٿئي ئي ڪو نه ٿو ۽ ” ڏاڍي جي لَٺِ کي ٻه مٿا وارو قانون هلندو رهيو آهي، جنهن جي ڪري پنجاب سنڌ سان اهو ئي ويل ڪندو  رهيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ مُنڍ جو آبادگار پڇڙيءَ جي زميندار سان ڪندو رهيو آهي. پاڻي جي معاهدن ۾ خاص ڪري 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ جڏهن طئي ٿيل آهي ته صوبا کوٽ به برابر ونڊيندا ته واڌ به پوءِ اهڙي صورتحال ۾ قانون جي ابتڙ پنجاب کي ضرورت موجب پاڻيءَ جي فراهميءَ يا وري ان طرفان چشما بينڪ رائيٽ ڪينال ۽ تونسا- پنجند مان پاڻي کڻڻ ڪٿان جو انصاف آهي. اصل ۾ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ذخيري ۽ ورڇ جو انتظام هلائيندڙ انڊس سسٽم رور اٿارٽي (ارسا) جي ٻٽي روش ۽ رويي جي ڪري ئي صورتحال هن پنڌ پهتي آهي.

ڪوٽڙيءَ وٽ پاڻي جي کوٽ 80سيڪڙو تائين پهچڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اها انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي، ڪوٽڙي بئراج تي ۽ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو گهربل تعداد ڇوڙ  اهڙي زميني حقيقت آهي. جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اها زميني حقيقت صرف ۽ صرف سنڌ سمجهي ٿي، جڏهن سنڌ لاءِ مُنڍ جي زميندار جي حيثيت  رکندڙ پنجاب ۽ وفاق، يا ملڪ جا ٻيا طبقا جيڪي زميني حقيقتن کان  واقف ناهن، سي ڪوٽڙيءَ  کان هيٺ پاڻيءَ جي ڇوڙ بابت پنهنجي موقف ۾ انڌي گهوڙي تي چڙهيل نظر اچن ٿا. سندن خيال آهي ته ڪوٽڙيءَ کان هيٺ جيڪو پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، سو سمنڊ ۾ وڃي زيان ٿو ٿئي. جيڪو روڪي ذخيرو ڪيو وڃي، کين خبر هئڻ گهرجي ته سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ آباد  زمين کي بنجر بنجڻ کان روڪڻ، آبي، انساني ۽ جهنگلي جيوت جي جيئدان  لاءِ ڪوٽڙيءَ  کان هيٺ گهربل مقدار ۾ پاڻي ءَ جو ڇوڙ ايئن ۽ ايترو ئي ضروري  آهي، جيترو زمين کي آباد ڪرڻ ۽ انسانن  جي اڃُ اجهائڻ لاءِ  باقي هنڌن تي يعني ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ضروري آهي.

پڇڙيءَ تائين پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ منڍ ۾ پاڻي چوري ڪري واپرائيندڙن خلاف نگران سرڪار جي ڪارروائي بهترين قدم آهي پر ان کان به بهتر اهو ٿيندو ته نگران سرڪار وفاق سان ۽ پنجاب سان رابطو ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي موجب پاڻي ڏياري، حصي موجب، پاڻي جڏهن ملڻ شروع ٿيندو ۽ کوٽ به 80 سيڪڙو مان گهٽجي 50، يا 40 سيڪڙو تي وڃي بيهندي ته يقيني طور هر هنڌ پاڻيءَ جي فراهمي جي صورتحال به بهتر ٿيندي.

چوري اُن شيءَ جي ٿيندي آهي، جنهن جي چوري ڪندڙن کي ضرورت هوندي آهي يا جيڪا ٻين وٽ ججهي هوندي آهي.  سو پاڻي هڪ ته آهي ڪو نه، فصل جي پوکائيءَ جي مند به شروع ٿي وئي آهي، سارين لاءِ ٻج پوکڻ ۽ ڦٽين جو ريج شروع ٿي  ويو آهي، صورتحال غير يقينيءَ واري آهي، يعني اڄ جيترو پاڻي پهتو آهي، سڀاڻي پهچندو الائي نه واري ٻڏتر ۾ جنهن کي جيترو ۽ جتي وارو لڳي ٿو اهو اتان اوترو پاڻي کنيو ٿو وٺي. پاڻي ڪن علائقن کي اڳ ۾ ۽ ڪن کي پوءِ پهچائڻو آهي، خريف جو فصل ڪٿي آڳاٽو ٿئي ٿو، ڪٿي پاڇاٽو؟ ان جي حڪمت عملي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي ٺاهڻي آهي، پر سنڌ ۾ عوام کي سک ۽ وقت سر پاڻيءَ جي فراهمي جيئن ته آبپاشي کاتي جي ايجنڊا ئي ناهي رهي، تنهن ڪري پاڻيءَ  جي منصفاڻي ورڇ ۽ پاڻي چوري روڪڻ هي هميشه وڏا مسئلا رهيا آهن، جن جي حل لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪوشش جي ضرورت آهي.

اربع 13 جون  2018ع، 28 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ وڌندڙ ايڊز جي وبا….

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي 3- سيپٽمبر 2018ع تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے