18 اتوار , نومبر 2018

شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو

To see the Shawl moon, the Central View of the committee will be held tomorrowڪراچي(ويب ڊيسڪ) شوال المڪرم جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ڪراچي ۾ ٿيندو. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مفتي مينب الرحمان چيو آهي ته شوال المڪرم جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي موسميات واري آفيس ۾ ٿيندو. مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته چنڊ جي شاهديون ڏيڻ لاءِ شهري هنن نمبرن تي 03009285203، 02199261403، 02199261404 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. شوال المڪرم جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جي صوبائي آفيس ۾ به اجلاس ٿيندو جتان ملندڙ شاهدين بابت مرڪزي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو. ٻئي پاسي موسميات واري کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته 29 رمضان  تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالرشيد موجب شوال جي چنڊ جي پيدائش 14 جون تي رات جو 12  وڳي جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ 14 جون جي شام تائين چنڊ جي عمر 19 ڪلاڪ ٽي منٽ هوندي، جڏهن ته سج لهڻ کان 39 منٽن تائين چنڊ نظر اچڻ جو وقت آهي. عبدالرشيد ٻڌايو ته 14 جون تي آسمان ڪڏهن صاف ڪڏهن جهڙالو هئڻ جا امڪان آهن، ڪراچي ۾ چنڊ جي عمر 19 ڪلاڪ 23 منٽ هوندي انڪري 29 رمضان تي چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے