20 منگل , نومبر 2018

خديجه ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدار جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

Khadija case: Supreme Court has set an appeal against the success of the respondentلاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ خديجه صديقي ڪيس ۾ جوابدار شاهه حسين جي بريت خلاف متاثر شاگردياڻي جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ خديجه صديقي حملي ڪيس بابت اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس آصف سعيد کوسا جوابدار شاهه حسين جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڪهڙو سبب هو جو خديجه ۽ ان جي ننڍي ڀيڻ پوري دنيا ڇڏي جوابدار شاهه حسين تي الزام لڳايو؟ ڇا ٻئي قانون جا شاگرد آهن؟  واقعي بعد ٻنهي ڄڻن قانون بابت گهڻو ڪجهه سکي ورتو هوندو. هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته واقعو ڏينهن جو ٿيو، رات هجي ها ته شڪ ڪري سگهجي پيو. سپريم ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي جوابدار شاهه حسين کي 1 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عدالت اپيل گرمين جي موڪلن بعد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته خديجه صديقي کي زخمي ڪندڙ جوابدار شاهه حسين کي 4 جون تي لاهور هاءِ ڪورٽ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي چيف جسٽس لاهور ۾ شاگردياڻي خديجه صديقي کي چاقو سان حملو ڪري زخمي ڪندڙ جوابدار جي آزادي جو نوٽيس ورتو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے