23 منگل , اکتوبر 2018

بدين:پاڪستان جو مطلب پنجاب ناهي، هتي ٻيا صوبا به آهن:سسئي پليجو

بدين (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي تھ پاڪستان جو مطلاب پنجاب ناهي، هتي ٻيا صوبا به آهن جن ۾ مظلوم قومون رهن ٿيون جيڪي 70 سال گذرڻ کان پوءِ به پنهنجي حقن کان محروم آهن .بدين ۾ سينيٽر سسئي پليجو بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ صالحيان گوپانگ جي گھر سندس وفات تي پونيرن سان تعزيت  ڪئي. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ڪالا باغ ڊيم کي ملڪ جون ٽي اسمبليون رد ڪري چڪيون آهن عدالتن کي اهڙي مئل گھوڙي تي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ گھرجي.هن چيو تھ  بدين سجاول ۽ ٺٺي ضلع ۾ پاڻي جي بدترين بحران جي ڪري لکين هاري هن سال چيٽ جو فصل پوکي نه سگھيا  آهن، جنهن ڪري هتي جي معيشت تباهه ٿي ويئي آهي. هن چيو تھ  هڪ طرف سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن ته ٻي طرف سنڌ کي ملندڙ اڻپورو پاڻي جي ورهاست ۾ بدديانتي ڪرڻ جي ڪري پاڻي پوڇڙين تائين نٿو پهچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي 24 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے