20 منگل , نومبر 2018

نيوز: حيدر آباد: پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

Haidarabad: Population Department's protest against protesters' absenceحيدر آباد ۾ پاپوليشن واري کاتي جي ملازمن پاران ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو فرحان، مجيب ميمڻ ۽ ذيشان جوڻيجي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پاپوليشن کاتي جو اڪائونٽنٽ ٽن مهينن کان لڳاتار غير حاضر آهي، جنهن سبب کين پگهار نه ملي سگهي آهي.

هنن چيو ته عيد اچي وئي،پر کين اڃا تائين ٽن مهينن کان رهيل پگهار به ناهي ملي سگهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

سندن چوڻ هو ته پگهارون نه ملڻ سبب هو پنهجي ٻڄن کي عيد لاءِ خريداري به ناهن ڪرائي سگهيا، سندن گهرن ۾ هو فاڪا ڪٽي رهيا آهن.

ملازمن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ترت پگهارون جاري ڪري سندن پريشاني ختم ڪن……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے