22 پیر , اکتوبر 2018

کدڙن فقيرن اليڪشن ڪميشن جي فيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف گلا لئي جي ٽڪيٽ هولڊرز کدڙن فقيرن  اليڪشن ڪميشن  کان فيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو .  کدڙو فقير  ناياب  چيو ته اليڪشن وڙهڻ  لاءِ 30 هزار  رپيا فيس نٿا ڏئي سگهون. کدڙن فقيرن کي  مختلف پارٽين طرفان ڌمڪيون ملي رهيون آهن. تحريڪ انصاف  عائشه گلا لئي  جي تڪيٽ تي اليڪشن وڙهندڙ ناياب  علي پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته  اين اي 142 اوڪاڙه  مان قومي اسيمبلي جي  اليڪشن وڙهي رهيو آهي . لبني لال تڪ پي پي 26 جهلم ۽ ميڊم راني  تڪ پي ڪي 40 ، نايان علي تڪ اين اي 142  ، نديم  ڪشش تڪ اين اي 52 اسلام آباد  مان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي . ميڊم راني حري پور مان اليڪشن وڙهندو .طارق فضل چوڌري  جو نديم ڪش سان مقابلو ڪندو ، جهلم ۾ لبني  لال به چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پرجوش آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے