23 منگل , اکتوبر 2018

گهرو وزارت پي ٽي اڳواڻ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ بابت وزيراعظم جي نوٽيس تي رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم هائوس موڪلي ڇڏي .

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) گهرو وزارت پي ٽي اڳواڻ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ بابت وزيراعظم جي نوٽيس تي رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم هائوس موڪلي ڇڏي . زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل    ۾ هو . ٻه ڏينهن اڳ ان کي  عمران خان ۽ انجي گهرواري سان گڏ  چارٽرڊ جهاز  ذريعي  عمري جي ادائيگي لاءِ  سعودي عرب روانو ٿيڻو هو  پر ايف اءِ اي  عملدارن ان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ هئڻ سبب  روڪيو ويو هو .  زلفي بخاري  پنهنجو نالو  ڪڍڻ  لاءِ گهرو وزارت  جي عملدارن جي اجازت ملڻ کانپوءِ اهو عمران خان سان گڏ سعودي روانو ٿي ويو . ذرعين جو چوڻ هو ته گهرو وزارت    زلفي بخاري  کي 6 ڏينهن  لاءِ عمري  تي وڃڻ جي اجازت ڏني .  نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ  پاڪستان  تحريڪ انصاف  جي چيئرمين  عمران خان  جي  قريبي  دوست زلفي بخاري جو نالو  بليڪ لسٽ ڪچن واري معاملي تي  گهرو وزارت  کان رپورٽ طلب ڪئي هئي .  ذريعن موجب  زلفي بخاري  ٻٽي شهريت  رکي ٿو ان وٽ پاڪستانکانسواءِ برطانوي شهريت به آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Murad Ali Shah questions intelligence of those wanting to rollback 18th Amendment

وڏي وزير مراد علي شاهه جي  وفاقي وزير فيصل واوڊا کي” وال مين“ جي نوڪري ڏيڻ جي آڇ

سکر (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وفاقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے