17 بدھ , اکتوبر 2018

رپورٽ: غزل جي شهنشاهه مهدي حسن جي ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي

Lyrics of the song Mahdi Hassan will be thrown out for sixth anniversary غزل جي شهنشاهه مهدي حسن کي مداحن کان وڇڙي  6 سال گذري ويا  آهن پر سندس ڳايل گيتن ۽ غزلن جي تازگي ۽ مقبوليت اڄ به برقرار آهي.

مهدي حسن راجسٿان جي لونا ڳوٺ جي موسيقار گهراڻي ڪلاونت ۾ 18 جولاءِ 1927ع تي اک کولي.

6 ورهين جي ڄمار ۾ ئي هن موسيقي جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، سندس استاد هن جو والد استاد عظيم خان ۽ چاچو استاد اسماعيل خان هئا.

ننڍي عمر ۾ ئي مهدي حسن ٺمري، درپت، خيال ۽ دادرا سميت ڪيترن ئي راڳن ۾ پڪو ٿي ويو ۽ 8 سالن جي ڄمار ۾ مهاراج گواليار جي درٻار ۾ فن جو مظاهرو ڪيو.

1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مهدي حسن جو خاندان هتي اچي ويو، مهدي حسن ڪجهه عرصو موٽر مڪينڪ به رهيو، پوءِ 50ع جي ڏهاڪي ۾مهدي حسن کي ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ موسيقي جي حلقن ۾ سڃاڻپ ڏياري.

ريڊيو کانپوءِ ته  مهدي حسن فلم انڊسٽري جي ضرورت بڻجي ويو ۽ هن  مختلف  فلمن ۾ ڪيترائي سدا بهار گيت ڳايا، سندس ڳايل گيت اڄ بھ سندس مداحن جي دلين تي حڪمراني ڪن ٿا.

هن  جي شهرت سرحد پار به پهتي ۽ ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر اهو چوڻ تي مجبور ٿي وئي ته مهدي حسن جي ڳلي ۾ ڀڳوان ڳالهائيندو آهي.

مهدي حسن جي مشهور گانن ۾ گلون ۾ رنگ ڀري، يه دنيا رهي نه رهي ميري همدم، اب ڪه هم بچهڙي، پيار بهري دو شرميلي نين، زندگي ۾ تو سڀي پيار ڪيا ڪرتي هين ۽ ٻيا  ڪلام شامل آهن.

هو  13 جون 2012ع   تي پنهنجي مداحن کان هميشھ هميشھ  وڇري وڃي پنهنجي  حقيقي مالڪ سان مليو، سندس ڳايل ڪلام اڄ بھ ماڻهن جي موسيقي جو مرڪز بڻيل آهن…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | سانگهڙ: سانگهڙ زلمي اليون مخدوم امين فهيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو

سانگهڙ ڀرسان سانگهڙ زلمي اليون مخدوم امين فهيم ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. شاهپور …

هڪ تبصرو

  1. Great work! Appreciated!

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے