21 اتوار , اکتوبر 2018

عيد تي ماڻهن کي رڳو منهنجي فلم ڏسڻ گهرجي: شهريار

لاهور (شوبز نيوز) عيدالفطر جي موقعي تي هن ڀيري ڪيتريون ئي پاڪستاني فلمون رليز ٿي رهيون آهن، جن مان ڏسڻ لاءِ ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر اداڪار شهريار منور جو چوڻ آهي ته عيد تي هر ڪنهن کي رڳو منهنجي فلم ”سات دن محبت ان“ ئي ڏسڻ گهرجي. فلم ”سات دن محبت ان“ ۾ شهريار منور ٽيپو نالي هڪ ڇوڪري جو ڪردار نڀائي رهيو آهي، جنهن ۾ هو سچي پيار جي ڳولا ۾ جدوجهد ڪندي نظر ايندو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي شهريار منور چيو ته مان فلم ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان گهڻو پرجوش هيس، ڇو ته ڪٿي نه ڪٿي هر پاڪستاني ڇوڪري ۾ هڪ ٽيپو موجود آهي، هو هڪ سٺو ڇوڪرو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي بس وس به محسوس ڪندو آهي، هو 29 ورهين جو ڇوڪرو آهي، جيڪو پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندو آهي ۽ کيس رڳو هڪ ڇوڪريءَ جي ڳولا هوندي آهي. ان ڳالهه جو اندازو ته فلم جي ٽريلر کي ڏسندي ئي ٿي ويو هو ته فلم ۾ ٽيپو کي زيرو مان هيرو بڻجندي ڏيکاريو ويندو. شهريار منور جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان فلم جي ڪهاڻي رڳو رومانوي ناهي پر فلم ۾ ٽيپو پنهنجي اهميت کي سمجهندو. واضح رهي ته فلم ”سات دن محبت ان“ ۾ ماهرا خان، آمنا الياس ۽ ميرا سيٺي به اهم ڪردار نڀائيندي نظر اينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pikaraara, accused of sexual harassment by Elizabeth Nourazi, on Bollywood actor Vipul Shah

اداڪارا ايلناز نوروزي پاران بالي ووڊ هدايتڪار ويپول شاهه تي جنسي هرساني جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز ) پاڪستاني فلم ”مان جائو نا“ کان ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ايراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے