18 جمعرات , اکتوبر 2018

شيخ رشيد اهل قرار، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو اختلافي نوٽ، فل بينچ جوڙڻ جي سفارش

The decision which he wanted to make a NCP politics became his political death: Sheikh Rashid اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي نااهلي واري درخواست رد ڪندي کيس اهل قرار ڏئي ڇڏيو. شيخ رشيد جي نااهلي خلاف درخواست مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شڪيل اعواڻ داخل ڪئي هئي جنهن ۾ مٿس 2013 جي عام چونڊن دوران نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا لڪائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. ن ليگي اڳواڻ طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي هئي ۽ 20 مارچ تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو جيڪو 85 ڏينهن بعد اڄ ٻڌايو ويو. سپريم ڪورٽ اڄ فيصلو ٻڌائيندي شيخ رشيد جي نااهلي لاءِ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شڪيل اعواڻ جي درخواست رد ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلو ۾ چيو ته شيخ رشيد 2018 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. شيخ رشيد جي درخواست تي فيصلو ٻن جي مقابلي ۾ هڪ جي تناسب سان ٻڌايو ويو ۽ فيصلي ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلي ۾ اختلافي نوٽ پڻ لکيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته معاملي تي فل ڪورٽ جوڙي وڃي، جسٽس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي اختلافي ۾ شيخ رشيد کي نااهل قرار ڏيڻ بدران ست سوال اٿاريا آهن، ان ۾ چي ويو آهي ته ڇا نامزدگي ڪاغذن ۾ هر غلط بياني جو  نتيجو نااهلي آهي ۽ اها نااهلي عمرڀر لاءِ هوندي يا ايندڙ چونڊن تائين؟ ڇا آرٽيڪل 225 چونڊ تڪرارن ۾ آرٽيڪل 184/3 لاڳو ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے