18 جمعرات , اکتوبر 2018

غلطي تسليم ڪرڻ باوجود شيخ رشيد جي حق ۾ فيصلو آيو: شڪيل اعواڻ

Despite accepting the mistake, Sheikh Rashid has decided in favor of: Shailil Awanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) شيخ رشيد جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪندڙ ن ليگي شڪيل اعواڻ چيو آهي ته شيخ رشيد جي غلطي تسليم ڪرڻ باوجود اهڙو فيصلو آيو جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ انصاف حاصل ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شڪيل اعواڻ چيو ته شيخ رشيد جي نااهلي سان لاڳاپيل ڪيس 18 مهينن تائين الڪيشن ٽريبونل ۾ هليو جنهن کي چئن مهينن ۾ فيصلو ڪرڻو هو ۽ ٽريبونل جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو. شڪيل اعواڻ چيو ته هن جي ڪيس جو فيصلو 85 ڏينهن محفوظ رهيو، جڏهن ته شيخ رشيد عدالت ۾ اهو تسليم ڪري چڪو آهي ته هن غلطي ڪئي جنهن باوجود اڄ سپريم ڪورٽ جي طرفان سندس اهليت جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو ويو . ن ليگي اڳواڻ چيو ته ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ انصاف حاصل ڪري ڪيترو ڏکيو آهي، ان باوجود جيستائين انصاف نه ملندو عدالتن جا درواز کڙڪائيندا رهنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت، فيصل واوڊا ڪراچي ۽ سنڌ لفظ واپس ورتا

مٺي: گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير شاهي پروٽوڪول سان ڏڪاريل ڏيھه ٿر پهچي ويا،پوليس اسلام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے