22 پیر , اکتوبر 2018

پرويز مشرف ڏيهه واپس اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عام چونڊن مان ٻاهر  

Pervez Musharraf removed all the rallies, showed his power back to the court: Chief Justice

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف ڏيهه واپسي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءِ ۾ 4 رڪني بئنچ پرويز مشرف جي ڏيهه واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته پتو ڪيو پرويز مشرف اچي رهيو آهي يا نه ، ڇو ته عدالتي عملي کي به عيد الفطر جي موڪلن تي وڃڻو آهي. چيف جسٽس پرويز مشرف جي وطن واپسيءَ بابت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرويز مشرف جي وڪيل عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف ڏيهه واپس نه اچي رهيو آهي. هن چيو ته پرويز مشرف موجوده حالتن ۽ موڪلن سبب ڏيهه واپس نه اچي رهيو آهي. پرويز مشرف جي وڪيل جي جواب بعد سپريم ڪورٽ سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بابت عبوري حڪم نامو واپس وٺي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پرويز مشرف عام چونڊن جي ڊوڙ مان به ٻاهر ٿي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے