21 اتوار , اکتوبر 2018

ايم ڪيو ايم جي ورهاڱي جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندس: فاروق ستار

Announces submission of papers by Farooq Sattar on three tonsڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اسان ايم ڪيو ايم جي ورهاڱي جو بلڪل ساٿ نه ڏينداسين. ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جاري آهي، سرڪاري گاڏين تي پ پ جا جهنڊا لڳل آهن، درست آدمشماري نه ٿيڻ جو سڀ کان وڌيڪ نقصان اسان کي ٿي رهيو آهي، اسان کي ترقياتي فنڊ نه ٿا ملن، اسان جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، سياسي پارٽين جا پرڏيهه ملڪ فنڊ به ڌانڌلي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو ووٽ ورهائجڻ نه گهرجي، اسان ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ آهيون، ايم ڪيو ايم جي ورهاڱي جو بلڪل ساٿ نه ڏيندس. سندس چوڻ هو ته مان بهادر آباد جي ساٿين کي سمجهائڻ چاهيان ٿو ته هاڻي اسان کي پنهنجو مسئلو حل ٿيڻ گهرجي ۽ گڏجي ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهڻ گهرجي ڇو ته اها ئي عقلمندي آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته رڳو اليڪشن اسان جي مسئلي جو حل ناهي، عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا وڃن، اسان آئين ۾ ترميم ڪري وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي جي اين اي 247 ۽ پي ايس 111 تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 ۽ پي ايس 111 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے