18 جمعرات , اکتوبر 2018

عمران خان جي عمري تي واپسي، ڪارڪنن جو سندس گاڏي اڳيان ڌرڻو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان کي عمري تان ڏيهه واپسي شرط ڌرڻي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. عمران خان خاص جهاز ذريعي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو.  عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي، دوست زلفي بخاري، عليم خان، ڪرن عليم ۽ عون چوڌري به ساڻس گڏ ڏيهه واپس پهتا آهن. عمران خان کي ڏيهه واپسي شرط احتجاج کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. بونير سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن من پسند اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ تي بني گالا ۾ احتجاج ڪيو. ڪارڪنن عمران خان جي گاڏي روڪي ورتي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي عزت ڏيو جا نعرا هنيا. مظاهرين احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد عمران خان کي وڃڻ جي اجازت ڏني. مظاهرين اعلان ڪيو ته جيستائين ٽڪيٽ نه ملي بني گالا ٻاهران ڌرڻو جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے