18 جمعرات , اکتوبر 2018

آف شور ڪمپنيون: نيب عمران خان جي دوست زلفي بخاري کي طلب ڪري ورتو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو نيب عمران خان جي دوست زلفي بخاريءَ کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي.  نيب راولپنڊي اڄ زلفي بخاري کي طلب ڪري ورتو  آهي هو پنهنجي والد واجد بخاري سان گڏ نيب ۾ پيش ٿيندو.  ذريعن موجب زلفي بخاري تي آف شور ڪمپنيون ٺاهڻ جو الزام آهي ۽ نيب پاناما ۾ 435 آف شور ڪمپنين بابت جاچ ڪري رهي آهي جنهن ۾ زلفي بخاري جو نالو به شامل آهي. ذريعن موجب زلفي بخاري کي 3 نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي پر هو پيش نه ٿيو. زلفي بخاري پنهنجي وڪيل ذريعي جواب ڏنو هو ته هو برطانوي شهري آهي تنهن ڪري نيب هن کان پڇا ڳاڇا نه ٿي ڪري سگهي. ذريعن موجب نيب کي خبر پئي آهي ته زلفي بخاري رڳو برطانوي شهري نه آهي پر هو پاڪستان جي شهريت به رکي ٿو ايئن هو ٻٽي شهريت رکندڙ شهري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے