18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چار ڄڻا مارجي ويا ،  3 ڄڻا زخمي

Larkana: Brawling between jatoi community, 3 died and 3 injured*لاڙڪاڻي ويجهو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جيهڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پير شير ۾ فصل جي ڀيل تان ٿيل گذريل رات جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو .

اڄ صبح ٻيهر تڪرار ڀڙڪي اٿيو ۽ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

مارجي ويلن ۾ مشتاق جتوئي، قربان جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي شامل آهن جڏهن ته ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٽن انسانن جي قتل بعد مٿان وري ٻي منحوس خبر پهتي ته اسپتال ۾ داخل زخمين مان هڪ نوجوان مظفر جتوئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو .

مارجي ويلن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

فصل جي ڀيل تان شروع ٿيل تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي

ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

هوڏانهن چئن انسانن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي جڏهن ته تر جو ماحول سوڳوار بڻيل آهي.

لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڏيجي: بي ايڇ يو کي رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج

*ڪوٽڏيجي ويجهو   بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪنب کي اپگريڊ ڪري رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏيارڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے