18 جمعرات , اکتوبر 2018

ڇا عام چونڊون ملتوي ٿيڻ جا امڪان آهن

علي ٿهيم

ملڪ مان مرڪزي ۽ چئني صوبائي حڪومتن پنهنجا پنج سال پورا ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي چئني صوبن توڙي مرڪز ۾ نگران حڪومتون ٺهي چڪيون آهن سنڌ ۾ نگران حڪومت سنڌ حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏجي ٺاهي پر ملڪ جي ٽن صوبن پنجاب ، ڪي پي ڪي ، ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون نه ٺهي سگهيون آخر معامرو اليڪشن ڪميشن ۾ ويو ٽنهي صوبن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران حڪومتون ٺاهيون ويون پنجاب ۾ حسن عسڪري کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ته ان تي ن ليگ جي قيادت پاران تنقيد شروع ڪئي ويئي ته حسن عسڪري چونڊون ملتوي ڪرڻ جو حامي آهي هو پنهنجن ڪالمن ۾ به اهڙا مطالبا ڪندو رهيو آهي ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ته کيس صلاح ڏني ته هو نگران وڏ وزارت کان الڳ ٿي وڃي.

بلوچستان جي به ساڳي صورتحال رهي هن ملڪ جي سياستدانن کان ٿئي ته ڪجهھ به نٿو مطلب هو نگران حڪومتون به نٿا ٺاهي سگهن جڏهن اهي نگران حڪومتن اليڪشن ڪميشن ٺاهيون ته هاڻي انهن کي اچي اعتراض ٿيا آهن ته ڦلاڻو اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جو حامي آهي ملڪ جي عام ماڻهن کان پڇيو ٿو وڃي ته اهي اهوئي چون ٿا ته چونڊون ٿين يا نه اسان کي دلچسپي نه آهي حڪومتون عوام کي ڪهڙو رليف ٿيون ڏين هو عوام انهن سياستدانن جي ڦوڪن ۾ اچي عام چونڊون ٿيڻ بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن خاطري ڪرائي آهي ته پوءِ ن ليگ ۽ پ پ پ کي ڪهڙو خطرو آهي.

اليڪشن وقت تي ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ته تمام گهڻي سنجيدا نظر اچي رهي آهي پر بلوچستان جي نگران وڏي وزير جو چوڻ آهي ته اگر عام چونڊون ڪجهھ وقت لاءِ ملتوي ٿي وڃن ته ان ۾ ڪوبه حرج نه آهي ان کان اڳ بلوچستان جي اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي به عام چونڊون في الحال ملتوي ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ قرار داد پيش ڪئي هئي، قصو اتي ختم نٿو ٿئي پر چيف اليڪشن ڪمشنر پاران به ڪجهھ وقت اڳ چيو ويو هو ته عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن.  هن چيو هو ته آئون ان ڪيمرا فريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر چيف اليڪشن ڪمشنر جي ڳالهھ تي ڪنهن به ڏيان نه ڏنو ۽ اليڪشن جي ڪم کي اڳتي وڌايو ويو جنهن حساب سان اليڪشن جو ڪم  هلي رهيو آهي ان مان لڳي ٿو ته ادارا عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ سنجيدا آهن ها ائين ٿي سگهي ٿو ته مسلم ليگ ن يا پ پ پ جي ڪوشش هجي ته عام چونڊون ڪجھ اڳتي وڃن ڇو ته مسلم ليگ ن کي پنجاب مان اميدوار پورا نه پيا ملن جڏهن ته پ پ پ وٽ صرف چند نشانيون وڃي بچيون آهن انهن چند نشانين مان حامد سعيد ڪاظمي پ پ پ جي ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري چڏيو آهي باقي جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو بچيا آهن انهن جي ڪاميابي به مشڪوڪ آهي.

هن وقت انهن ٻنهي پارٽين کي اميدوارن جي پريشاني آهي جنهن جي ڪري اهي ٻيئي پارٽيون ممڪن آهي اليڪشن کي ڪجهھ وقت اڳتي کڻي وڃڻ جون خواهش مند هجن پر ملڪي ادارا اهڙو ڪوبه ڪم نٿا ڪرڻ چاهين جنهن سان الزام انهن ادارن تي لڳي وڃي ان ڪري لڳي ائين پيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون.

هن وقت ملڪ ۾ مختلف چيمگوئيون هلي رهيون آهن ۽ اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته اليڪشن وقت تي ٿيندي يا نه؟ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران نواز شريف ۽ سندس فيملي خلاف هلندڙ ڪيسن جو هڪ مهيني اندر فيصلي ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن جنهن جي جواب ۾ نواز شريف جو وڪيل ڪيس کان الڳ ٿي ويو آهي سياسي ڄاڻ رکندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي خواهش آهي ته منهنجي ڪيس جو فيصلو اليڪشن کان پوءِ اچي پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هرصورت ۾ هن ڪيس جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي سپريم ڪورٽ جي هن حڪم کان پوءِ نواز شريف کي پنهنجو ۽ پارٽي جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي ان ڪري اهو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي ڪا سازش ٿي سگهي ٿي .

هڪ ٽي وي چينل اهڙي رپورٽ به ڏني آهي ته مسلم ليگ ن ملڪ ۾ حالتون خراب ڪري سگهي ٿي جيئن عام چونڊون ملتوي ٿي سگهن خيال ڪيو پيو وڃي ته اگر نواز شريف کي عام چونڊن کان اڳ سزا ٿي ويئي ته پوءِ پارٽي جو به خدا حافظ ٿي ويندو ان ڪري اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ ڪا سازش ٿي سگهي ٿي ادارا ته پنهنجي وقت تي چونڊن لاءِ تيار آهن پر ملڪ ۾ چونڊن جي حوالي سان اڃا تائين جيڪا غير يقيني واري صورتحال محسوس ڪئي پيئي وڃي، ان ۾ اگر ڪنهن منفي ڪردار ادا ڪيو ته يقينن اهو ڪردار ڪا سياسي پارٽي ئي ڪري سگهي ٿي اگر ائين ٿيو ته پوءِ اهو چوڻ ۾ قوم حق بجانب هوندي ته اسان جا سياستدان ملڪ ۽ قوم لاءِ نه پر پنهنجي ذات لاءِ پيا جيئن ملڪ ۽ قوم جي انهن کي ٽڪي جي به پرواھ نه آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے