20 ہفتہ , اکتوبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي مهڻا ڏيندي چيو ته “تو وارو زرداري صاحب سئنون سڌو سنڌ سنڀاليو ويٺو آهي، بلڪه سموري سنڌ وڏن وڏيرن ۾ وري به ورهايو ويٺو آهي، جيڪي پنهنجا پاڻ ۾ ئي وڙهي پيا آهن، سڀني کي خوش ڪرڻ آهي ته ڏاڍو ڏکيو، پر سنڌ ۾ جيڪي وڏا ماڻهو آهن، جن جي هٿ ۾ قومي ۽ صوبائي سيٽون ابن ڏاڏن کان آهن، انهن کي صرف ڀٽي صاحب جي انقلاب ئي متاثر ڪيو هو، ۽ ڀٽي صاحب جڏهن جذباتي انداز ۾ هارين کي چيو ته زميندارن جون زمينون ٿيون توهان جون، مزدورن کي چيو ته ڪارخانا ٿيا توهان جا، پوءِ جڏهن ڀٽي صاحب ايوب خان وانگر لينڊ ريفارمرس “زرعي سڌارا” آندا، تڏهن ڪجهه وقت کان پوءِ ڀٽو صاحب وري به انهن ئي وڏيرن وٽ مجبور ٿي پيو، ۽ ايوانن ۾ انهن کي ئي آندائين، ۽ آئين به انهن کي راضي ڪري پوءِ متفقه طور تي قبول ڪرايائين، جنهن ۾ به وڏا ڪامريڊ جن ۾ رئيس حاڪم علي خان زرداري، رئيس عطا محمد لنڊ، رئيس مير علي بخش ٽالپور اهي ڪامريڊ هئا، جن ان آئين تي صحيح ڪرڻ بدران جلاوطني قبول ڪئي، پر پوءِ به ڀٽو صاحب ڏيهي پرڏيهي ادارن جي مجبوري هو، ۽ مغربي پاڪستان ۾ ڀٽي کان وڌيڪ ادارن وٽ ڪو سلجهيل سرواڻ سامهون ڪونه هو، جنهن ڪري کيس پهرئين مغربي پاڪستان ۾ سولين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري، اليڪشن ڪرائي، هندستان کان نوي هزار فوجي به واپس وٺي آيو، ۽ مغربي پاڪستان جو اهو ٽڪرو جنهن تي انڊيا قبضو ڪري ويو هو، اهو به ٽيبل ٽاڪ جي ذريعي انڌرا گانڌيءَ کان واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر دنيا ڏٺو ته ايڏو وڏو سوشلسٽ، غريب پرور، نظرياتي ليڊر، ڦاسي قبولڻ وارو دنيا جو عظيم مدبر ڏاهو به اهو چوڻ تي مجبور ٿي پيو هو ته، ان ايوان ۾ اڪثريت آهي ئي انهن جاگيردارن جي، ۽ انهن جي ئي مرضيءَ سان مونکي اقتدار هلائڻو ۽ ملڪ خوشحال بنائڻو آهي.

ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته غريب ڪلاس مان جيترا جيالا اڀري آيا، انهن ۾ سائين خورشيد شاهه ئي اڪيلو اهو ميٽر ريڊر آهي، جيڪو هن وقت جنهن مقام تي آهي، ان جي عيوض پاڻ به وڏيرن وانگر ٽي سيٽون کڻي ويو، ساڳئي وقت جيلاني پير به ٽي چار سيٽون کڻي ويا، شيرازي به سودا ڪري سيٽون کڻي ويا، مهر به ڏيتي ليتي ڪري وري ڦري ويا، ۽ پاڻ ۾ ٺهي ويا، پر ڪجهه گرينڊ الائنس مان، ڪجهه پي پي مان سيٽون ڪڍڻ جي سٽاءَ سٽي اٿن، مخدومن به ويهن جو داٻو ڏيئي پنهنجون گهربل سيٽون آرام سان ڪڍي ويا، باقي رفيق الزمان جي سامهون سڀ مٽيارڪا ۽ اهل شيعت جو اميدوار ۽ ٻيا مذهبي اميدوار بمع جلال شاهه، جاني شاهه، علي حسن شاهه، تيمور شاهه اهي سڀ بيهندا ته ووٽ کاريندا ۽ پ پ وارو صاف چڙهي ويندو، ۽ اها حڪمت عملي ته ناراض پ پ ڪارڪنن کي وڃي آزاد اميدوار جو فارم ڀريو جو چئي زرداري صاحب اها گيم ٽن هنڌ ڦيلائي ڇڏيو آهي، ۽ جڏهن ڇنڊ ڇاڻ ڪميٽيءَ مان جيڪي بچي نڪتا، ۽ آزاد جيڪي اڪثريت ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ته اهي به اندران زرداري جا ئي ميمبر سمجهو، ڄامشورو مان ملڪ اسد سڪندر به سيٽون کڻي ويو، باقي جيڪي ناراض ڪيا اٿس تن وڃي جلال محمود شاهه واري اتحاد ۾ پاڻ کي شامل ڪيو آهي، پر اهي ڪمزور وڏيرا ڪجهه ڪري نه سگهندا، انهن به پنهنجي حصي جون سيٽون ضرور حاصل ڪيون، باقي سڪندر شورو اهو پنهنجي راڄ وارو ضرور آهي، پر سندس راڄ جو سردار وري به ملڪ اسد آهي، جنهن سان جهيڙو ڪرڻ زرداري کي مهنگو پئي ها، جڏهن ته زرداري سان نواب شاهه ۾ جهيڙو ڪرڻ لاءِ قادر مگسي آمريڪا مان اچي نڪتو آهي، ۽ قاسم آباد ۾ اياز پليجي جا ووٽ کرندا جنهن پڻ قومپرستن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سندس مخالفت بدران سندس ساٿ ڏين، ۽ نواب شاهه ۾ به پيپلز پارٽيءَ جا ووٽ سيف ٿيندا، ڇو ته قادر مگسي ٻين اميدوارن جا ووٽ کاريندو، بهرحال اهڙا الزام سوشل ميڊيا تي روز ليڊرن تي لڳن پيا، باقي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته وفاق ۾ هاڻ زرداري الله جي آسري تي آهي، ڇو ته ادارن ڪنهن به وفاقي پارٽيءَ کي پنجاب ۾ اڪثريت ماڻڻ کان ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ سياسي قوتن جي بدران ادارن جي حڪمت عمليءَ تحت ملڪ جو سمورو ايندڙ پاور ٺهندو.“

مواليءَ چيو ته “اهو ته طي ٿي چڪو آهي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم وئي ورهائجي، ايندڙ اليڪشن ۾ انهن جا ووٽ تتر بتر ٿيندا، ۽ گهڻي ڀاڳي جن ڏانهن اسٽيبلشمنٽ چاهيندي، گهڻا ووٽ اوڏانهن ويندا، جن ۾ اندرون سنڌ وارا ۽ ڪجهه ڪراچي وارا پ پ کي ملندا، ٻيا پي ٽي آءِ کي ملندا، ٽيان جماعت اسلامي کي ملندا، باقي ڪجهه سيٽون ايم ڪيو ايم کي جيئرو رکڻ لاءِ ڏيارڻ به ادارن جي مجبوري آهي، باقي سنڌ ۾ جيڪا وڏيرن ٻڪر ٻوساٽ ڪري، ساڳيون سيٽون حاصل ڪيون آهن، ته پوءِ ياد رکو ته اليڪشن ڪميشن ته فارم ڀرارايو آهي، پر چيف جسٽس جي چوڻ تي جيڪو قسم نامون ان فارم سان گڏ ڀرڻو آهي، اهو قسم نامون اهوئي آهي، جيڪو اسان ۽ اصلي ڪامريڊن چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو هو، جنهن ۾ جنهن کي اهل ڪري اميدواريءَ ۾ بيهڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ ڪليئر ڪري، قسم نامون قبول ڪندي، ان قسم نامي ۾ لکيل آهي ته مون ڪي به فنڊ نه کاڌا آهن، نه ڪا پراپرٽي پنهنجي زال ۽ اولاد جي نالي يا ڪنهن فيملي ميمبر جي نالي ڪئي آهي، مون تي ڪڏهن به ڪو الزام ٿاڻي ۽ ڪورٽ ۾ نه لڳو آهي، جيڪي به زندگيءَ جا خرچ ۽ ملڪيتون ظاهر اٿم، انهن جا دستاويز اصلي پيش ڪبا ۽ جيترا دفعا پاڪستان کان ٻاهر ويو آهي، ۽ ڪيترو خرچ ڪيو آهي، اهو ڪٿان آندو…؟؟؟ انهن جون رسيدون پيش ڪرڻيون آهن، ۽ ثابت ڪرڻو آهي ته آمدنيءَ کان وڌيڪ زندگيءَ جو خرچ نه آهي، ۽ گذريل دور ۾ جيڪي فنڊ مليا انهن جي استعمال جا ثبوت پيش ڪرڻا آهن وغيره وغيره، ان کان علاوه به ان قسم نامي ۾ اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي هي ميمبر زرداري صاحب کي گُهٽي ته ساڳيون سيٽون وٺي ويا، پر جيڪڏهن قسم نامون سچو ڀريائون ته پوءِ وڏي ڇانٽي ٿيندي، مجبورن انهن ميمبرن جيڪڏهن پنهنجي اولاد کي ڪورنگ اميدوار تحت فارم ڀرايو آهي، ته مجبورن پاڻ هٿ کڻي ويندا، ۽ اهي ڇوڪرا ڇوڪرا يعني نوجوانن جي نئين کيپ اڳيان ايوانن ۾ اچي ويندي، اهائي اسان جي دعا آهي، ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪوشش ته پڙهيل ۽ بي داغ نوجوان ايندڙ دور جي ايوانن ۾ اڳيان اچن، پر ان قسم نامي جي اچڻ کان پوءِ به انهن سياستدانن ۽ انهن جي اڳواڻن تي ڪوبه ايڏو خاص اثر نه پيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته شايد هي سڀ گڏجي وري اهو قسم نامون هٽرائي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، جيئن گذريل اليڪشن ۾ گريجويٽ واري شق کي هٽرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، اها فائنل لسٽ ته آئي آهي، پر جنهن ڏينهن ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي، ۽ گذريل دور جي ميمبرن ۽ وزيرن کي ادارن ۽ زرداري صاحب ڊرائي ڪلين ڪرائي، امين ۽ صادق بڻائي پيش ڪيو، ته ممڪن آهي ته ساڳي ماني ساڳ سان، اسان جو ٻوٿ ۽ هنن جا موچڙا، ساڳيا سٽڪا ۽ سور، جيڪي سنڌين کي اڳ ئي ستيءَ ۾ مليا آهن، جيڪي هن وقت نه ڪو ووٽ جي اهميت ٿا سمجهن ۽ نه نوڪري کپين، نه اليڪشن کپين، صرف پيئڻ جو پاڻي کپين، جيڪو هاڻ اسان کي وڏي جنگ ڏانهن کڻيو پيو وڃي، جيڪڏهن پنجاب ۾، سرحد ۾ برسات پوي پئي ته هڪ ته پهاڙ، ٻيو وڻ اتي آهن، جڏهن ته سنڌين جا سمورا ٻيلا اهي وڏيرا ئي وڍائي ويا، جن ڌاڙيلن کي پٽڪا ۽ بيلٽ ٻڌائي، ڪچي ۾ پاٿاريون قائم ڪري ڏيندا هئا، تن کي ته اڄڪلهه سوٽ بوٽ پارائي، شهري بنائي، پاڻ سان گڏ کڻيو پيا هلن، باقي سنڌ جي ان ويران وسندين ۽ ڏڪاريل ٿر ۽ ڪاڇي ۾ جيڪا خزان آئي آهي، اها اسانجي گناهن ۽ ڪمزورين جي ڪري آهي، واقعي جيڪڏهن هر سنڌي ان ڳالهه کي سمجهي وڃي، ۽ هڪڙو هڪڙو وڻ سڄي سنڌ جي آدمشماريءَ جي بنياد تي، هر ڳوٺ ۽ شهر کان ٻاهر تي، هڪ پلاٽ گورنمنٽ طرفان مخصوص ڪري، ان تي هڪ فرد هڪ وڻ پوکي، ته سنڌ ۾ وڻڪاري جي ڪري ايندڙ پنجن ڏهن سالن ۾ وري به فريش آڪسيجن به ايندي، ۽ برسات به پوندي، ۽ هي ڏيهه مان ڏڪر به ڏور ٿيندو، باقي وڏيرا به ساڳيا، ميمبر به ساڳيا، وزير به ساڳيا، ته پوءِ اها اسان جي قسمت، اسان کي ئي منهن ڏيڻو پوندو، باقي بچيل ڪک ويران ڪري، شامين وانگر پنهنجا ولر ويڙهي مان ڪڍي، وطن کان دربدر ڪري ڇا انڊيا جي بارڊر تي موڪلڻا پوندا، ڇو ته ڪراچيءَ وارا اڳ ئي پنهنجو مهاجر صوبو ٺاهڻ لاءِ عالمي سازش جو حصو بنجي، پاڪستانن لاءِ ڏچو پيدا ڪرڻ وارا آهن، پوءِ ڀلي نالو انتظامي يونٽ هجي يا فاروق ستار، جيڪو به ان يونٽ جو نالو رکندو، ادارا ان کي آشيرواد ڏيندا.”

ڪامريڊ سليم چيو ته “ادا… اڙدو وارن جي قرباني سان پاڪستان ٺهيو يا سنڌين جي سخا سان انهن کي ملڪ مليو، پر پاڻ جيڪو ڪجهه وقت سنڌ جا بيروزگار نوجوان انهن سان وڃي گڏيا هئاسون، ته سنڌي وڏيرن ڏاڍو ذليل ڪيو، ڊگريون کڻيو پي دربدر ٿياسون، نوڪريءَ لاءِ اسان به انهن جي ٺاهيل پاڪستاني سوچ ۾ وڃي شامل ٿياسون، پر پوءِ خبر پئي ته اهي پاڪستان ٺاهڻ نه، بلڪه سنڌين جيڪا پاڪستان جي ٺهراءَ منظور ڪرائي پاڪستان ٺاهيو، ان کي ئي ٽوڙڻ لاءِ هي هتي موڪليا ويا هئا، ۽ هنن ئي هتي اچي سنڌين کي جاهل، ڄٽ ۽ سائين سڏي سڏي، نفرت جو ٻج وجهي، هندن جون ڇڏيل شهرن ۾ خوبصورت بلڊنگون، ۽ ٻهراڙي ۾ هزارين ايڪڙ زمينون، چوٿو پني جو خطوني جي نالي سان ڏيکاريو، جيڪو ان وقت پنجاب مان آيل عارضي پنجابي آفيسر وڏي رشوت جي عيوض، انهن هندستانين جي اها خطوني قبول ڪري کين ڌڙا ڌڙ هندن جون زمينون ۽ محلات ڀڳڙن مٺ ڏيئي ڇڏيا، سنڌي عوام اڳ به سيدن، پيرن، ميرن جو مريد هو، ۽ غلامي جو زندگي گذاري رهيو هو، ۽ ان وقت به هندو سرمائيڪار خوشحال واپاري ۽ سنڌ جي مالڪيءَ جي حيثيت رکندو هو، جن سڄي زندگي سنڌين کي وياج تي نپوڙي، جيڪي محل ۽ زمينون ٺاهيون هيون، اهي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ واپس ڏتڙيل سنڌين کي ڪونه مليون، پر جن کي اهو ملڪ ورهائڻ لاءِ موڪليو ويو، تن کي ان چوٿي پني جي عيوض نصيب ٿيون.

اسان جا اهي سردار، مير، پير هڪڙا وڃي هيرا منڊيءَ مان پرڻجي آيا، ٻين وري اسان جا سردار ۽ گادي نشين پيدا ڪرڻ لاءِ، انهن پان کائيندڙن سان مٽيون مائٽيون ڪري، اهڙا ٻسر پٽ ڄڻيا، جيڪي نه سنڌي ۽ نه وري مهاجر، بلڪه يورپ جي تعليم انهن کي ايڏو مغرب پرست ڪري ڇڏيو، جو پنجابين اتي به هنن کي پنهنجون نياڻيون ڏيئي، انهن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويا، ۽ اڄ اسان جي سڀني سياسي اڳواڻن، وڏيرن، پيرن، ميرن جي گهرن ۾ اهي ئي “ڪيا بولتا هي” واريون وڏيريون ٿيون ويٺيون آهن، ۽ اسان جون اٻوجهه عورتون انهن کي ئي “جيجي” چئي، پيرين پيو، وڃيون پٽ تي ويهن، يعني اها سنڌ جيڪا ڪشمير، بمبئي ۽ خراسان تائين وڌيل هئي، سا هاڻ موجوده سنڌ صوبي جي اندرون علائقن، اهي به اڻ سڌريل، غير تعليم يافته علائقن ۾ زراعت هٿان، پاڻيءَ هٿان، علم هٿان تباهه ٿيل، دربدر نسل، خانه بدوش زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، جيڪڏهن اسان جن سمورن وري به چونڊجي ايندڙ ميمبرن جي اها ئي روش رهي، ته پوءِ پاڻ کي سنڌي جيڪي نج سنڌي نه هوندا، پر نسلن نج سنڌي ڳولهي پڄري ۾ ويهاري، ٽڪيٽ تي ميلي ملاکڙي ۾ يا چڙيا گهرن ۾ ڏيکارڻا پوندا.”

تڏهن مون چيو ته “ادا… پنهنجي لاءِ اهوئي پهاڪو آهي ته هم ڀلا يا همارا ڀائي، جهڙي دوڙ تهڙي ڇائي، هن وقت 72 سال پاڪستان جي عمر آهي، ان ۾ صوبي سنڌ ۾ جيڪي قومون اچي وسيون، جن ۾ پٺاڻ، پنجابي، سرائيڪي، سيد، بلوچ ورهين کان وسندا رهيا، پر هو پاڻ کي سنڌي سڏائي، سنڌ ۾ جذب ٿي ويا، صرف اهي ئي هندستاني جيڪي اڄ به ويهي سوشل ميڊيا تي چون پيا ته اسين ڪلهه ڀي هندستاني، اڄ به هندستاني، سڀاڻي به هندستاني، ته انهن جي لاءِ ئي ملڪي ادارن کي سنجيدگيءَ سان قدم کڻڻو پوندو، ڇو ته ملڪ ٺهڻ جو بنياد انهن جي ئي آمد سان ٿيو، پر اڃان تائين هو ان ڌرتيءَ جو بنيادي حصو بنجڻ بدران پاڻ کي مهاجر سڏائڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪن ٿا.

سنڌ ۾ اهي ٻه ٻوليون ڳالهائيندڙ ئي پاڻ ۾ اڪثريت ۽ اقليت جي جنگ جوٽيو بيٺا آهن، پر جيڪڏهن هنن جو صوبي وارو خواب ڪنهن پورو ڪرڻ چاهيو، ته پوءِ جيئن هينئر اسان جو پاڻي بند، ڏڪر چالو، ڪري ڪجهه نه پيا سگهون، اسڪول بند، تعليم بند، ٻار دربدر، ڪري ڪجهه نه پيا سگهون، وري ساڳيا وڏيرا آيا آهن، دڙڪا ڏيئي ووٽ وٺي ويندا، ۽ اهي ڪڇ تمهارا، ڪڇ همارا، چئي پاور پيا پاڻ ۾ ورهائي کائيندا، ته به پاڻ ڪجهه ڪري نٿا سگهون، قلندر، لطيف ۽ سچل جي هن نگريءَ ۾ سنڌ جا ساوا سلا به سڪندا وڃن، ٿر ۾ بيمارين ۽ بک سبب معصومڙا مرندا وڃن، ته به ڪري ڪجهه ڪونه ٿا سگهون، بس هاڻ سڀ ادي ۾ اکيون وجهو ويٺا آهيون، جنهن ۾ ايتري صلاحيت آهي جو گذريل پنج ئي سال سنڌ کي ۽ وڏيرن کي پنهنجن دڙڪن ۽ حڪمن تي هلائيندي رهي، ممڪن آهي ته اسان جي اهائي وڏ وزارت ماڻيٰ ۽ ڪڇندڙ ڪامريڊن ۽ وصوليون ڪندڙ وڏيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن تي اهڙي اک رکي جو سڀ ڪم سستا ٿي وڃن.

بس ان کان علاوه جيڪي وڏيرا پاڻ ئي پراڻي پگهار تي بيٺا آهن، سي اسان جا ڪهڙا پگهار وڌائيندا…؟؟؟، يا جيڪي فنڊ ملندن، انهن مان اسان جي لاءِ ڪهڙيون ترقيون ڪندا…؟؟؟، ۽ ڪهڙا هنن کان پڇاڻا ٿيندا…؟؟؟، بس اهوئي اسان جي نالي ۾ منظور ٿي آيل مال پاڻي حسب معمول اليڪشن جو خرچ ڪڍي باقي بچيل مان حصو پتي ڪري کائي ويندا، ڪوبه پڇڻ وارو ڪونه هوندن، بس اها چيف جسٽس کي التجا آهي ته جيڪو قسم نامون پاڻ جاري ڪيو اٿس، ان تي جي ڇانٽي ڪري، ڇنڊ ڇاڻ ڪميٽيءَ مان پاس ڪري، پوءِ پاڪ ۽ پوتر ميمبر اڳيان آڻيندا، ته ممڪن آهي ته ڪجهه نه ڪجهه نوان نوجوان پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ، سنڌ سان ڪا سچائي ڪري، ڪي حلالي پٽ پنهنجي سنڌ امڙ جي ٿڃ ملهائي، سندس سينڌ سنواري، سنڌين کي سوڀارو ڪن، ورنه عوام به انهيءَ پگهار تي پيو هوندو، جنهن تي اهي ميمبر وريون پيا اچن، اسان جو فرض آهي ته وري دانهون ڪريون، “ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو”، ۽ اهو به آهي شينهن شير خدا جو وڻيس ته ٻچا ڏي، وڻيس ته بيضا ڏي، وڻيس ته وائي بادي ڪري ڇڏي، جو وڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان جو تعليمي نظام ۽ جهالت!

شفيق الرحمان شاڪر تعليم هڪ سماجي عمل آهي جنهنجو بندوبست سماج جي هٿ ۾ هوندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے