21 اتوار , اکتوبر 2018

عام چونڊون ۽ اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ

علي محمد ميمڻ

ملڪ ۾ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ  قومي ۽ صوبائي اسمبلين لاءِ  اميدوار ن جي اثاثن ۽ ڪيسن بابت ڇنڊ ڇاڻ ۽ اهليت جا امتحان تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن. ۽عام چونڊن جي اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ جا مرحلا  پڻ تيزي سان مڪمل ٿي رهيا آهن، انهي خوشگوار عمل سان عام چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ جي پڻ پڪ ٿيندي پئي وڃي. ڇنڊ ڇاڻ ۾جيڪي اميدوار انهي امتحان مان پاس ٿي نڪري رهيا آهن ڄڻ ته هو ملڪ ۾ رائج آئين ۽ قانون جي پل صراط اڪري پار ڪري آيا آهن ۽ هاڻي هو عوام جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جا اهل قرار ڏنا ويا آهن.انهي عمل ۾ اميدوارن جي اکين ۾ ووٽرن لاءِ وڌندڙ احترام ۽ محبتن جي پالوٽ وارن خوشگوار نظارن سان سندن  جوش ۽ سرهائي ۾پڻ اضافو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن ، اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن  ۽ ووٽرن بابت  جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 10 ڪروڙ 42 لک 67 هزار آهي. جاري ڪيل شروعاتي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 10 ڪروڙ 42 لک 67 هزار 581 آهي. جنهن ۾مرد ووٽرن جو انگ 5 ڪروڙ 84 لک 63 هزار 228 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 4 ڪروڙ 58 لک 4 هزار 353 آهي.   پڌرائي موجب، ملڪ جي مختلف صوبن، پنجاب ۾ 5 ڪروڙ 97 لک 40 هزار 95 ووٽر ، سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 50 لک 66 هزار 558،  خيبر پختونخواهه ۾هڪ ڪروڙ 52 لک 39 هزار 571 ۽ بلوچستان ۾ 41 لک 94 هزار 311 ووٽر  ۽ اسلام آباد ۾ 7 لک 30 هزار 197 ووٽر رجسٽرڊ آهن. ابتدائي طور تي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ فاٽا ۾ 22 لک 96 هزار 849 ووٽر رجسٽرڊ  ڄاڻايا ويا آهن.

واضح رهي ته، ملڪ جي پارليامينٽ ۾ تازو پاس ڪيل فاٽا آئيني بل تحت، فاٽا ۽ پاٽا جي قبائلي علائقن کي خيبر پختونخواهه صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي. جنهن جي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي گڏيل چونڊ 25 جولاءِ تي ئي ٿيندي. جڏهن ته هن کان اڳ فاٽا ۾ صوبائي اسيمبلي وارو سرشتو موجود نه هو، تنهن ڪري خيبر پختونخواهه واري صوبائي اسيمبلي جو حصو بنجڻ واري تازي ٿيل آئيني تبديلي بعد فاٽا ۽ پاٽا وارن علائقن ۾ صوبائي سيٽن  ۽ تڪن جي جوڙجڪ وارو مرحلو اڃا مڪمل ٿيڻو آهي ۽ ان بعد انهن علائقن ۾هڪ سال بعد صوبائي اسيمبلين وارين سيٽن تي چونڊون مڪمل ڪيون وينديون.

ٻئي پاسي،   اليڪشن ڪميشن  جي اختيارين طرفان آفيسرن جون سياسي وفاداريون پرکڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽  چئني صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي خط لکي حڪومت کي ڊيڊ لائين پڻ ڏني وئي آهي. اختيارين طرفان عام چونڊون 2018ع جي حفاظتي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ پڻ اڄ سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ضروري انتظامن جو جائزو ورتو ويندو ۽ جاري ڪيل حڪمن تي بروقت عملدرآمد ۽ پوئيواري بابت اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن.

بيشڪ !  جمهوري ۽ پارلياماني سرشتي تحت ملڪ جو 22ڪروڙ عوام ئي اقتدار اعلي جو مالڪ آهي ۽ عوام کان ووٽ ذريعي حڪمراني قائم ڪرڻ جا اختيار حاصل ڪرڻ بعد چونڊيل حڪومتن ۽ اسيمبلين جي ميمبرن ۽ سياسي جماعتن تي اهو فرض لاڳو ٿي وڃي ٿو ته، سندن ڏنل منشور ۽ وعدن موجب هو ملڪ ۽ صوبن ۾ عوامي فلاحي سرشتو فعال ڪندا، عوام لاءِ معياري مفت ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويندو.  ان کان علاوهه، ملڪ کي دهشت گردي کان محفوظ رکڻ ۽ قانون ۽ انصاف جي سربلندي لاءِ پنهنجي کنيل قسم ۽ پنهنجي ڪيل واعدن تي پورو لهڻ جي اميد تي ووٽ حاصل ڪرڻ بعد سندن عوام آڏو جوابدهي ۽ جوابداري جو عمل شروع ٿئي ٿو.  انهن اهم خدمتن جي ادائيگي لاءِ ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ جنرل  پرويز مشرف کي پڻ پنهنجي حياتي کي ملڪ لاءِ ارپڻ ۽ وري خدمتون ڪرڻ جو خيال آيو آهي ۽ هو  پڻ وطن واپسي لاءِ رستا ڪڍڻ ۾ رڌل آهي. سندس انهي خواهش ۽ جدوجهد جي قدرداني طور ملڪ جي اعلي اختيارين طرفان کيس ملڪ واپس اچڻ ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ کيس وطن واپسيءَ تي گرفتار نه ڪرڻ ۽ سلامتي سان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي پر  اطلاع ملي رهيا آهن ته ملڪ جي ريٽائرڊ ڪمانڊو جي طبيعت وري خراب ٿيڻ واري آهي ۽ سندس وڪيل عدالت کي اطلاع ڪيو آهي ته سندس موڪل جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏڪڻي واري بيماري وڌي وئي آهي ۽ هو گهڻي دير عدالت جي روبرو نه ٿو بيهي سگهي.

ٻئي پاسي،    ملڪ تي گهٽ ۾ گهٽ 30 سال حڪمراني ڪندڙ  شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ ڪابينا جي سب ڪميٽي جو اجلاس پڻ ڪوٺايو ويو آهي. نيب طرفان لڳاتار ٻيون ڀيرو شريف خاندان جي جوابدار ڀاتين ۽ خدمتگارن جا نالا پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ سرڪاري لسٽ، اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ  سرڪاري خط وفاقي سرڪار کي موڪليو ويو آهي پر گذريل مهيني مسلم ليگ نواز جي حڪومت طرفان نيب جي درخواست تي عملدرآمد نه ڪيو ويو هو ۽ موجوده نگران سرڪار  جي  وفاقي نگران حڪومت جي پارلياماني سب ڪاميٽي جو اجلاس نگران گهرو وزير جي صدارت ۾ ڪوٺايو ويو آهي، ڏسجي ته نئين بااختيار سرڪار ڇا ٿي فيصلو ڪري ؟.

افسوس !  ته اسان  واري پياري ملڪ ۽ عوام کي جيڪي به حڪمران، پهلوان، شينهن ۽ ڪمانڊو واري تجلي وارا ملن ٿا اهي جلد بيمار ۽ بيڪار ٿيو وڃن ۽ حڪمرانيءَ بعد جوابداري ۾ ڪسا ثابت ٿيو پون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے