21 اتوار , اکتوبر 2018

ڊاڪٽر حسن عسڪري، نگران وڏ وزارت ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ واري چئلينج

عارف  نظامي

گذريل جمعي تي ڊاڪٽر حسن عسڪري پنجاب جي نگران وڏي وزير طور حلف کنيو آهي، گورنر ملڪ رفيق رجوانه جي خواهش هُئي ته گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ اهڙي تقريب ۾ مان به ضرور شريڪ ٿيان، ٻئي طرف منهنجي به اها خواهش هُئي ته مان پنهنجي استاد محترم کي ملڪ جي وڏي صوبي ۾ جيڪا وڏي ذميواري ملي رهي آهي ۽ هڪ اعلى منصب تي فائز ٿي رهيو آهي، اهڙي تقريب ۾ ضرور شريڪ ٿيان ڊاڪٽر حسن عسڪريءَ سان منهنجو تعلق انتهائي پراڻو آهي، جڏهن هو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس واري عمل ۾ مصروف هوندو هئو ته مان اتي سندن شاگرد رهيو آهيان. جڏهن هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي سياسي شعبي ۾ ليڪچر ڏيندو هُئو، ان وقت به منهنجي ساڻن نياز مندي هوندي هُئي. ان بعد هو “ دي نيشن” ۽ “ پاڪستان ٽو ڊي ” جيڪي منهنجين ڪاوشن جو ثمر آهن ۾ ڪالم نگاري ڪندو رهيو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تجزيه پڻ ڪندو رهيو. جڏهن مان چينل 24- تي مان سي اِي او هيس تڏهن عسڪري صاحب اتي ڪُل وقتي تجزيه ڪار هيو، ان بعد هُنن اهو ادارو به ڪن سببن ڪري ڇڏي ڏنو ۽ مون به ڇڏي ڏنو.

حسن عسڪري صاحب “ هائڊل برگ يونيورسٽي” جرمني ۽ آمريڪا جي يونيورسٽي “ فلاڊيلفيا” مان به سند يافته آهي. فوج ۽ سول حڪومتن جي تعلقاتن جي حوالي سان سندس هڪ ڪتاب به لکيل آهي جنهن جو نالو آهي  The Military and Politics in Pakistan جنهن جا ڪيئي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي به پاڪستان ۾ فوج ۽ سويلين حڪومتن جي موضوع سان ڪا دلچسپي آهي ته هي ڪتاب سندن لاءِ ان موضوع تي ٽيڪسٽ بڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. حسن عسڪري صاحب انتهائي پياري طبعيت جو ماڻهو آهي ۽ اڃان تائين هُن شادي به نه ڪئي آهي. هو پروفيسر طبعيت وارو ماڻهو آهي. هُن جي ملڪيتن جي نه ته ڪا ڊگهي لسٽ آهي ۽ نه ئي سندس خواهشن جي ڪا ڊگهي قطار، بس هو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي. ضيا حيدر رضوي صاحب نالي هڪڙو شخص سندس مامو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ ائين لڳندو آهي ته هو عمر ۾ کانئس ڪافي ننڍو آهي، اهو ئي سندس زندگيءَ جي ڏکن سکن جو ساٿي آهي ۽ سندس خيال رکندو آهي.

پروفيسر حسن عسڪري تي مسلم ليگ ( ن ) تنقيد جا تير وسائڻ ۾ ڪابه ڪوتائي نه ڪئي آهي، اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، ريلوي جي اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو اڳوڻو قانون وارو وزير راڻا ثناالله، ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ مريم اورنگزيب سڀئي چئي رهيا آهن ته حسن عسڪري غير جانبدار ماڻهو نه آهي، تحريڪ انصاف جنهن کي هاڻي “ خلائي مخلوق“ جي انتهائي ويجهو چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر صاحب متعلق اختيار ڪيل اهڙي اعتراض جو بنيادي سبب اِهو آهي ته هو جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي تجزيه  ڪندو هو تڏهن هو پنهنجن تجزين ۾ مسلم ليگ (  ن ) تي کليل نموني تنقد ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته عمران خان متعلق هُن وٽ سوفٽ ڪارنر رهيو آهي جنهن کي هو لڪائي نه سگهيو آهي. انهيءَ ڪري مون ان جي تقرريءَ جي اعلان کان اڳ ۽ بعد ۾ به سندس هاڻوڪي جانبداراڻي موقف تي تشويش جو اظهار ڪندي چيو هو ته کيس خود کي غيرجانبدار رکڻ ۽ ايماندار منصف ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي محنت ڪرڻي پوندي. حسن عسڪري حلف کڻڻ کان اڳ ۽ بعد پڻ انهيءَ ارادي جو اظهار ڪري چڪو آهي ته هو منصفاڻيون چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڀرڀور ڪردار ادا ڪندو.

عسڪري صاحب جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هو هڪ عام ماڻهو آهي ۽ روشن خيال وچين طبقي سان تعلق رکي ٿو نه ته هو روايتي سياستدان وانگر آهي، نه ته ڪا جاگير اٿس ۽ نه ئي هو سرمائيدار آهي. اهڙو ماڻهو حڪومتي سيٽ اپ ۾ فقط نگران حڪومت ذريعي ئي اچي سگهي ٿو يا سينيٽ جي ذريعي اچي سگهي ٿو. پر بدقسمتي اها آهي ته سينيٽ به هاڻي گهڻي قدر خوشامندي ماڻهن جي ور چڙهي وئي آهي. حسن عسڪري جي نگران وڏي وزير ٿيڻ متعلق ته ڪافي ماڻهن کي اهي ڳالهيون به دل ۾ کٽڪنديون هونديون ته حسن عسڪريءَ جون راڻا ثنا الله جهڙيون ڊگهيون مڇون ڇو، نه آهن يا هو وڏيون وڏيون ڊاڙون ڇو، نه ٿو هڻي.

ڊاڪٽر حسن عسڪري پنجاب يونيورسٽيءَ جي شعبه سياسيات ۾ درس ۽ تدريس جي عمل سان وابسطه هو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو هو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ رٽائرڊ جنرل ليفٽيننٽ جنرل ( رٽائرڊ) ارشد محمود کي پنجاب يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسر بڻايو ويو. جنهن اچڻ سان ئي يونيورسٽيءَ ۾ به “ مارشل لا ” لاڳو ڪري ڇڏيو. يونيورسٽيءَ جي خرچن کي گهٽائي ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ ان جي خاص مشن ۾ شامل هو، هُن يونيورسٽيءَ جي بجليءَ جي وڌندڙ بلن تي تشويش جو اظهار ڪندي هنگامي قدمن کڻن جو حڪم ڪيو. انهن ڏينهن ۾ سرديءَ جي موسم هُئي ۽ استادن لاءِ مخصوص ڪيل ڪمرا ڪجهه وڌيڪ ئي ٿڌا ٿي ويندا هُئا، پر وائيس چانسلر صاحب حڪم صادر ڪيو ته اڄ کان ئي استادن لاءِ بجليءَ جا هيٽر هلائڻ تي بندش آهي.

حسن عسڪري صاحب جنهن کي سردي ڪجهه وڌيڪ ئي ٿيندي هُئي ان وائس چانسلر جي اهڙي حڪم جي رد عمل ۾ استعفى ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو جنهن متعلق جنرل صاحب کي سندس خاص صلاحڪارن اهو بانور ڪرايو هو ته جيڪڏهن عسڪري صاحب استعفى ڏئي ڇڏي ته پوءِ يونيورسٽي هڪڙي “ فارن ڪواليفائڊ” دانشور ۽ استاد کان محروم ٿي ويندي. پر وائس چانسلر صاحب مخصوص فوجي انداز ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڪو وڃي ٿو ته ڀلي وڃي، يونيورسٽيءَ کي استاد ملي ويندا مون کي ته بجليءَ جو بل بچائڻو آهي.

اهڙي نموني ڊاڪٽر حسن عسڪري پنهنجي ڪُل وقتي درس ۽ تدريس واري پيشي کي خداحافظ چئي اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ چينلز تي تجزيه ڪرڻ لڳو ۽ اتان ئي نگران وزير اعلى جي منصب تي پهتو آهي.

جيستائين تحريڪ انصاف جو تعلق آهي ته نانگ جو کاڌل نوڙيءَ کان به ڊڄي ڊڄي گذرندو آهي، وانگر عمران خان کان وٺي باقي سمورن رانديگرن تائين سڀ جو سڀ اهو ئي سمجهن ٿا ته 2013ع جي چونڊن ۾ نجم سيٺي ۽ سندس 35- پنڪچرن ۽ شهباز شريف جي حامي مشينريءَ سازشون ڪري هارايو هو نه ته هو کٽي وڃن ها. حسن عسڪريءَ جي موجودگيءَ ۾ کين اها خاطري ٿي آهي ته هو مسلم ليگ ( ن ) جي حق ۾ ڪوبه ڏنڊو نه هڻندو.

وزير اعلى هجڻ جي حيثيت ۾ هو ڪهڙي قسم جي ڪابينا چونڊي ٿو ۽ ڪاموراشاهيءَ ۾ ڪهڙيون صفايون ڪري ٿو سندس اهڙي عمل مان ئي سندس متعلق ڪافي خبر پئجي ويندي ته هو ڪنهن حد تائين پنهنجي غيرجانبدار هجڻ وارين دعوائن تي پورو لهي ٿو. ان ڏس ۾ هُن اهو چئي ڇڏيو آهي ته هو ٽيڪنوڪريٽس تي مبني ڪابينه چونڊيندو ۽ بيوروڪريسيءَ ۾ پڻ تبديليون ڪندو.

جيستائين مسلم ليگ ( ن ) جو تعلق آهي ته انهن کي ايترو مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. هڪ ڊگهو عرصو اقتدار ۾ رهڻ بعد کين هاڻي ته سمورو ماحول ۽ سمورا منظر اداس لڳي رهيا آهن. مسلم ليگ ( ن ) جي ميمبرن تي جهڙي نموني دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ شريف ڀائرن کي جهڙي نموني مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، تنهن کي شريف ڀائر  پري اليڪشن ڌانڌلي قرار ڏئي رهيا آهن ۽ اهڙيون شڪايتون هو ڪيئي سالن کان ڪري رهيا آهن. اڳوڻن حڪمران پنجاب ۾ وري چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ اليڪشن ”مينيج“ ڪرڻ جا اهي ئي فارمولا ترتيب ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي هو اڳ ڪيئي ڀيرا آزمائي چڪا آهن. 2013ع جي عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزير اعلى پنجاب شهباز شريف بيوروڪريسيءَ کي خطاب ڪندي چيو هو ته ٻن مهينن بعد وري واپس اچي رهيو آهي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ هو پنجاب جو وڏو وزير ٿي ويو. پر هن دفعي هو اهڙي ڪا به دعوى يقين سان نه ٿو ڪري سگهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته پروفيسر حسن عسڪري چونڊون شفاف ۽ غير جانبدار نموني ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويندو ۽ ان ڏس ۾ پروفيسر حسن عسڪري رضويءَ جو ڪو به وزير اعلى يا وزير اعظم ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، ڇو جو اهو ڪم جنهن جو آغاز سال 2014ع ۾ بلوچستان مان ٿيو هو ۽ هاڻي عام چونڊن مڪمل ٿيڻ تائين پورو ٿي چڪو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے