21 اتوار , اکتوبر 2018

سنڌ جي آئيندي ۽ نوجوان نسل جي مالڪي ڪير ڪندو؟

ڊاڪٽر غفور  ميمڻ

ڪنهن به قوم جو مستقبل ان جي نوجوان سان واڳيل هوندو آهي، ننڍي هوندي کان جيئن ٻار کي گهر ۾ پوءِ اسڪول ۾ تربيت ڏني ويندي آهي، کيس اخلاقي، گهريلو، سماجي۽ انساني قدر سيکاريا ويندا آهن. بلڪل اهڙي طرح انهيءَ نوجوان جي بلوغت تائين مسلسل تربيت ۽ ايندڙ دورن جي چئلينجن کي سامهون رکي نوجوان جي تربيت جا موقعا پيدا ڪيا ويندا آهن، ته جيئن وقت سان گڏ نوجوان  دنيا سان گڏ هلي سگهي،

اها ته هاڻ  ڳالهه عالم آشڪار آهي ته دنيا ڊجيٽلائيزڊ ، فاسٽ سڌ سماءَ جي درو ۾ داخل ٿي چڪي آهي، هن دور جا مسئلا بلڪل نوان آهن، ٽيڪنالوجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، علائقائي يا شهري فرق يا تفاوت ختم ٿيندو وڃي، جديد ٽيڪنالوجي مان هر ڪو فائدو وٺي رهيو آهي، ٻهراڙين ۾ به سولر سسٽم اچي ويو آهي، ڊجيٽل سسٽم واريون ائنڊرائيڊ موبائلون موجود آهن، انٽر نيٽ جي سهوليت به عام آهي، پر جنهن شيءَ جي کوٽ آهي اها آهي تربيت جي، اهڙي دور ۾جنهن ۾گڏهه گاڏي هلائڻ لاءِ به تربيت کپي، ان دور ۾ پوسٽ ماڊرن دور ۾ جيئڻ ان مان فاعدو وٺڻ، دنيا سان ڪلهو ملائي گڏ هلڻ، پنهنجي قوم کي 21 صدي جي چئلينجن لاءِ تيار رکڻ لاءِ ايندڙ دور ۾ پنهنجي قوم کي ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي ڪابه تربيت نٿي ڏني وڃي.

اهڙو ڪو به ادارو ناهي جتي نوجوانن جي مختلف مسئلن ۽ پنهنجي ڪريئر جي يا ٻين نفسياتي مونجهارن جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي. اسان جي يونيورسٽين ۾به اهڙا ڪي به ادارا ناهن، جڏهن نائلا رند جو ڪيس ٿيو هو ته ان وقت سڀني اها ضرورت محسوس ڪئي هئي ته، يونيورسٽين ۾ هڪ اهڙو شعبو هئڻ گهرجي جيڪو شاگردن جي زندگيءَ جي هر مسئلي تي ڪائونسلنگ ڪري، اهڙا نفسياتي ماهر، ڪيرئير پلانر هجن جيڪي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي مسئلن تي ڪائونسلنگ ڪن، کين اڄ جي جديد پڄاڻان دور جي خطرناڪ مسئلن ۽ مونجهارن کان بچائن. پر افسوس جو اهڙي قسم جي سوچ نه ته اسان جي تعليم جي ماهرن وٽ آهي، نه وري يونيورسٽين جي وي سين وٽ آهي.

اسان وٽ ڪيترا نوجوان ڪاليجن۽ يونيورسٽين ۾ اچي ته ويندا آهن، پر هو پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان هوندا آهن، کين انهيءَ وقت کان نوڪري حاصل ڪرڻ جو الڪو لڳو پيو هوندو آهي، مائٽ به کين اهو ئي چوندا آهن ته جلدي پڙهائي ڪري وٺو ۽ نوڪري حاصل ڪريو. اهڙي صورتحال ۾ اڪيچار نوجوان ته اڳتي نڪري ويندا آهن، پر اڪثر ڀٽڪي ويندا آهن، اسان جي ٻهراڙين مان يا شهرن مان ڇوڪرين جو تعداد تمام وڏي انگ ۾ اڄ ڪلهه يونيورسٽين ۾ پهچي ٿو، انهن کي جديد دور ۾ پير پائڻ لاءِ تمام گهڻي ڪائونسلنگ ۽ نظرداري ، سنڀال جي ضرورت هوندي آهي، پر هڪ ته اسان جي تعليم کاتي جي استادن کان وٺي يونيورسٽين جي استادن جو معيار بين لاقوامي معيارن مطابق ناهي، مثال هڪ طرف صرف اسڪول ٽيچر لاءِ بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ جي ضرورت هوندي آهي ٻئي طرف يونيورسٽي جي استاد جي لاءِ ڪنهن به تربيت جي ضرورت ناهي يا ته ايم اي هجي يا ايم فل هجي، پر ڪابه اهڙي ٽيسٽ ناهي رکي ويئي جنهن مان سندس پروفيشنل لياقت جي خبر پوي، انسانيت اٿس يا نه ان جي ڄاڻ پوي، يا سندس ڪا نفسياتي ٽيسٽ وغيره به نه ورتي ويندي آهي، نتيجي طور اهڙا استاد ڀرتي ٿي وڃن ٿا، جيڪي سفارشي آهن، وٽن ڪا به لياقت ناهي، صرف پنهنجي پروموشن ۽ پئسا ڪمائڻ ۾ مبتلا هوندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄڪلهه پي ايڇ ڊيز جو تعداد غير معياري پيدا ٿي رهيو آهي، توهان سوچيو ڪاليج جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان آهي، سينٽرل سپريئر سروس جي امتحان لاءِ پاپڙ ويلڻا پوندا آهن شاگرد رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، لئبررين جا چڪر ڪاٽيندا آهن، ڪيترا رسالا،اخبارون پڙهندا آهن، پنهنجي انگريزي کي بهتر ڪندا آهن، پر يونيورسٽين جي استاد جو معيار(Criteria) صرف ايم اي سيڪنڊ ڪلاس، ڀلي اهو نقل ڪري پاس ڪري آيو، مٿي وري چئرمئن، امتحان وٺندڙن جي مهرباني سان مقرر ٿي ويو. ڪابه تربيت نه ملي، چون ٿا استادن کي تربيت وقت به وقت يونورسٽيون ڏيارينديون آهن. پر مون ته اهڙن ٽربيتي ورڪشاپن ۾ رڳو خانه پوري۽ سرٽِفڪيٽ ورهائيندي ڏٺا آهن.

نوجوان طبقو ٻئي طرف واپار ۾ پير نٿو پائي ڇو ته هڪ ته سرمايا ڪاري لاءِ پئسا کپن ٻيو ته کين تجربو ناهي،  اهڙي طرح لکن جي تعداد ۾ سنڌي نوجوان ڀٽڪندا رهن ٿا، اهو وقت ويو جو مائٽ کين تربيت ڏيندا هئا، هاڻي مائٽن وٽ وقت ڪونهي ٻيو ته خود مائٽن کي تربيت جي ضرورت آهي ته هي ڪهڙو دور آهي؟ ان ۾ ٻارن سان ڪهڙو ورتاءَ ڪرڻ گهرجي؟، سندن ڪائونسلنگ ڪيئن هجڻ کپي؟.  توهان ڏٺو هوندو اڪثر نوجوان ڀٽڪندا رهندا آهن. ڪڏهن آواره گردي ڪندي ، ڪڏهن انٽر نيٽ جو غلط استعمال ڪندي، هونءَ به انٽر نيٽ جو غلط استعمال ڪندڙن ۾ پاڪستان جو پهريون نمبر آهي. ٻئي طرف ڪي اهڙا نوجوان به آهن جيڪي پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان هوندا آهن پر کين سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ڇا ڪجي؟.

اها ئي صورتحال سنڌ جي آهي، صرف اليڪرانڪ ترقي يا ڊجيٽلائزيشن، يا انٽر نيت جي سهولت سنڌ کي جديديت پڄاڻان دور جي مقابلي لاءِ تيار نه ڪندي، مارڪيٽ ۾شين جا انبار، گهرن ۾ آرائشيون، سهولتون، آرامده گاڏيون ۽گلئمر، سنڌ کي اڳتي وٺي ڪونه ويندو. سنڌ کي اڳتي وٺڻ واريون شيون صرف اهي آهن ته نوجوان علمي طور دنيا جي مقابلي ۾ آهي يا نه ؟ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪرڻ ان جو کاپو سنڌ ۾ آهي يا نه؟نوجوان اخلاقي طور انسان آهي يا نه؟ نوجوان کي وسيلا ملن ٿا يا نه؟ سندس صلاحيتن کي اڀارڻ جا موقعا سنڌ ۾ آهن يا نه؟ هي 21 صدي آهي، ويهين صدي جا هيرو اسان کان موڪلائي ويا، انهن جو دور پورو ٿي ويو ، هي دور بلڪل نئون ۽ اڇوتو آهي، هن جون ضرورتون الڳ آهن جيڪي اسان کي ٺڙڪ ٺڳي تي، جڳاڙ تي گهڻو وقت هلڻ ڪونه ڏينديون،

اسان جي سياست سنڌ جي جديد دور کان گهڻو پوئتي آهي، اسان جو سياست دان اڄ جي اڻ ڇهندڙ(Intangible ) معاشيات کان واقف ناهي، ٽيڪنالوجي جي رفتار ۽ دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کان واقف ناهي، هن کي خبر ناهي ته پوسٽ ماڊرن دور ڇا آهي، هن ڪڏهن گلوبل دور جي يا هاءِ اسپيڊ ٽيڪنالوجي ڳالهه ناهي ڪئي، اسان جي سياست اقتداري سياست آهي، جنهن ۾ ڪٿي به توهان کي نه سنڌ نظر ايندي نه وري نوجوان نظر ايندو. اهڙي منصوبه بندي نه هئڻ سبب جيڪو نوجوان با صلاحيت آهي، جيڪو جديد ٽيڪنالوجي کان واقف آهي، اهو شايع ٿي رهيو آهي، سٺا ڊاڪٽر، انجنئر، ڪاريگر، هنر مند تيزي سان ٻاهر شفٽ ٿي رهيا آهن، رڳو پنجن سالن جي رپورٽ مطابق ملڪ مان ساڍا پنج لک ماڻهو ٻاهر شفٽ ٿي ويا آهن، ان ۾ سياست ڪارن جي فيملي يا اميرن جي فيملين جون تعداد الڳ آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته خود سياستدان جيڪي ايم اين اي يا ايم پي اي ٿين ٿا اهي پهرين پنهنجي فيملي کي ٻاهر شفٽ ڪن ٿا. جيڪي ڪامورا آهن رٽائرڊ فوجي يا وري وڏيرا  جلدي پنهنجي ٻارن کي يورپ يا امريڪا، آسٽريليا شفٽ ڪري ڪري رهيا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ملڪ مان هيٺين طبقي کان وٺي مٿيون طبقو مايوس آهي، اسان جو سماج اڃا جاگيرادري منفي احساس ڪمتري واري عمل مان گذري پيو، جنهن ڪري گلوبل دنيا کي يا ته هو صرف عياشي جو لقاءَ سمجهي ٿو يا وري روئڻ پٽڻ ذريعي ، داٻاءَ ڏيئي ، دادگيري ڪري ، سياسي ، سماجي اخلاقي جڳاڙ ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻ  چاهي ٿو، نتيجي طور اسان جي سماج ۾ هڪ وڏو اخلاقي بحران پيدا ٿي پيو آهي، اسان جو سماج سڀ ڪجهه جائز واري پاليسي تي هلي تيزي سان انارڪيءَ ڏانهن وڃي پيو.

اسان جي سماج ۾ آئيندي بابت سائنسي بنيادن تي۽ عقلي بنيادن تي ڪابه سوچ ويچار نه نوجوان وٽ آهي نه وري سياستدان وٽ آهي. اسان سماج انفرادي مفادن جي ڪن ۾ گوتا پيو کائي، ڪو به ڪنهن به پروفيشن جو معيار مقرر ناهي ٿيل، نتيجي طور اسان جي ڪنهن به عمل يا سوچ ۾ نظريو ناهي، ڪي به قدر ناهن،

دنيا ۾ اهڙا دور ايندا آهن، معاشي،اخلاقي ڏيوالپڻا نڪرندا آهن، سياسي بحران ايندا آهن،  عبوري دور پيدا ٿيندا آهن، ٻي جنگ عظيم کان پوءَ وزيرن ۽ مشيرن گڏجي چرچل کان پڇيو ته سائين معاشي طور تباهي ٿي ويئي، سماج تباهي ڏانهن هليو ويو آهي انارڪي ڦهلجي ويئي آهي ڇا ڪجي؟ چرچل صرف ايترو پڇيو ته ڇا اسان جون ڪورٽون انصاف مهيا ڪن پيون؟ جنهن تي جواب مليو بلڪل ڪورٽون صحيح ڪم ڪن پيون. تنهن چرچل چيو پريشاني جي ڪابه ڳالهه ڪانهي، اسان وري ترقي ڪري وٺنداسين، ڇو ته ڪيترو به بحران ۾ ڦاٿل  سماج هجي پر ان جا قدر، انساني ماڻ ماپا، انصاف موجود هجي ته اهو سماج جلدي مونجهارن مان نڪري اڳتي وڌندو آهي.

دنيا ۾ اڪثر بادشاهه پنهنجي چوگرد فلسفين، دانشورن، ۽ ڏاهن ماڻهڻ کي پاڻ سان صلاح مشهورن لاءِ رکندا هئا، جيئن سڪندر بادشاهه سان ارسطو جهڙو ڏاهو گڏ هو. اڪبر سان نو رتن ساڻس گڏ هئا. تاريخ ۾ اهڙا سوين مثال ملندا پر هي واحد دور آهي، جنهن ۾ مشير، صلاح ڪار به جاهل کنيا ويندا آهن. انصاف، ۽ انساني پاڻ ماپا ته هن سماج مان اجتماعي طور موڪلائي ويا آهن.

سنڌ ۾ آئيندي جو سوال اڄ ڪلهه جي دانشور لاءِ انتهائي اهم آهي، نوجوان نسل جو مستقبل لاءِ انتهائي هڪ بهتر مظبوط حڪمت عملي جي ضرورت آهي، هي سنڌ جي انتشاريل ماحول، محرومي وارو  رومانس، منفي رويو، پٽڪو، جڳاڙ بازي، بليڪ ميلنگ سنڌي سماج کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي. جيڪي ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو آهن اهي به مايوس ٿي ويهي ٿا رهن، نوجوان غلط ڪارين ۾ ڀٽڪي وڃن ٿا، کين اڳيان اونڌائي  نظر اچي ٿي.

اسان جي سياسي ايجنڊا تي مسقبل ناهي ۽ اسان جي سماج جو 90 في صد طقبو سنڌ جي مستقبل جي فڪر کان کان وانجهيل آهي.

اسان جي دانشور ، ڏاهي علمي طبقو جيڪو مثبت سوچ رکي ٿو انهيءَ کي هڪ ٿي، ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، نه ته علم ۽ عمل کان وانجهيل سنڌ جو ڪوبه مسقبل ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي، خوشحالي ،سازش ۽ مهانگائي!

شفيق الرحمان شاڪر خيرن سان خوشخبري اها آهي ته  2018ع جي عام چونڊن ۾ ٿيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے