22 پیر , اکتوبر 2018

پاڪستان طرفان آزاد ڪشمير جي آئين ۾ ترميم تي ڀارتي احتجاج رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 13هين ترميم تي ڀارتي احتجاج رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڪشمير بابت دعويٰ کي به رد ڪري ٿو. هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت 7 ڏهاڪن کان ڪشمير تي دعويٰ ڪندو رهيو آهي، جنهن کي پاڪستان رد ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارتي دعويٰ جي ڪا مضبوط شاهدي ناهي، پاڪستان آزاد ڄمون ڪشمير جي آئين ۾ 13 هين ترميم تي به ڀارتي احتجاج رد ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير تڪراري علائقو آهي، ڀارت اتان غير قانوني قبضو ختم ڪري، والاريل ڪشمير جو حل رڳو اظهار جي آزادي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے