23 منگل , اکتوبر 2018

نگران حڪومت زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍندڙن خلاف ڪارروائي کان انڪاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي دوست زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪيوآهي. عمران خان ۽ زلفي بخاري 11 جون تي عمري تي روانا ٿي رهيا هئا پر بليڪ بليڪ لسٽ ۾ نالو هئڻ سبب زلفي بخاري کان روڪيو ويو. گهرو وزارت قانون جا بکيا اڊيڙيندي فوري طور لکت حڪم جاري ڪندي زلفي باري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نگران وزيراعظم ناصر الملڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪئي پر گهرو وزارت سندس حڪم کي نظرانداز ڪيو ۽ رپورٽ تيار نه ڪئي. اڃا تائين زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. نگران گهرو وزير اعظم خان بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هو عمران خان جي فائونڊيشن جو ميمبر آهي ۽ سندس هدايت تي ئي گهرو سيڪريٽري ارشد مرزا ڊي جي ايف آءِ اي کي فون ڪري زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے