18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ:گولا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

Kandhkot: Brawling between two communities of Gola, one man died*ڪنڌڪوٽ ۾ گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي دشمني تان جهيڙو ٿي پيو گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي خلاف مقتول جي وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو .

پراڻي دشمني تان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان  سردار گولو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس اطلاع تي پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

واقعي خلاف مقتول جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي روڊ بلاڪ  ڪري ڌرڻو هنيو ويو .

ڌرڻي سبب سنڌ سميت ٽن صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن ڪري مسافرن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو .

پوليس ڌرڻي وار هنڌ پهچي متاثر ڌر سان ڳالهيون ڪيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڏيجي: بي ايڇ يو کي رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج

*ڪوٽڏيجي ويجهو   بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪنب کي اپگريڊ ڪري رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏيارڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے