21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد : گم ڪيل آزاد ڪري کين عيد گهروارن سان ملهائڻ ڏني وڃي: ايڇ آر سي سي

Hyderabad: Freedom to be allowed to be released by the missing persons: HRCC* هيومن رائيٽس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن فرق جي سمورن گم ڪيل سياسي ڪارڪنن، اديبن، ليکڪن ۽ صحافين کي آزاد ڪري کين عيد جو ڏينهن پنهنجن گهروارن سان ملهائڻ ڏنو وڃي.

اهڙو مطالبو هيومن رائيٽس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو حيدرآباد ۾ انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ جامي چانڊيو، ڪامريڊ بخشل ٿلهو، پنهل ساريو، عاليه بخشل ٿلهو، حسين مسرت شاهه، منظور ٿهيم، نسيم جلباڻي، ڊاڪٽر اشوٿاما، مهيش ڪمار ۽ فاروق سومرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

ان موقعي تي پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته اسان عيد جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي ڪيس کي ٻيهر ورجائي رهيا آهيون، گم ڪيل ماڻهن جي سوال تي سڄي ملڪ ۾مانڌاڻ متل آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ گم ڪيل ماڻهن جي آزاديءَ جي لاءِ مسلسل احتجاج ٿيندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي.

سندس چوڻ هو ته شهرين کي تحفظ ڏيڻ رياست جي ذميواري هوندي آهي، پر جڏهن رياست اندر آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ته شهري پاڻ کي عدم تحفظ جو شڪار سمجهن ٿا ۽ هو انهن کان ئي ڊڄن ٿا جن کي شهرين جو تحفظ ڪرڻو هوندو آهي.

هن چيو ته کنڀي گم ڪيل شهري ڀلي پوءِ چاهي ان جو تعلق ڪهڙي به قوم ۽ تنظيم سان هجي تنهن کي قانون جي عدالت آڏو ظاهر ڪري کين وضاحت جو موقعو ڏنو وڃي.

امداد چانڊيي چيو ته جبري گمشدگين بابت سپريم ڪورٽ جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي، گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي توثيق ڪري وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلين مان گهربل موثر قانون سازي ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته عدالت کان مٿانهن سمورن سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي قتل جي شفاف جاچ جي لاءِ عوامي ساک رکندڙ ماڻهن تي آڌاريل هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي.

هن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته گم ڪيل ماڻهن جي حوالي سان داخل ڪيسن کي اڪلايو وڃي ۽ گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے