22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: چمبڙ:پڇڙي جي آبادگارن جو بااثر زميندارن خلاف احتجاج

Chambar: protest against affected landowners* چمبڙ ۾ پڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي چوري ڪندڙ بااثر زميندارن خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

چمبڙ ٿاڻي آڏو بڪيراڻي سب ڊويزن جي چاڪر شاخ جي انور رند، دلجان لغاري ۽ حنيف سميت ٻين پڇڙي جي آبادگارن احتجاج ڪري ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن چيو ته 9 ميل جا بااثر زميندار زوري سندن حصي جو پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، بااثر زميندار کين ۽ آبپاشي عملي کي به ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته آبپاشي عملو ۽ پوليس ساڻن سهڪار ڪري رهي آهي، پر 9 ميل جا بااثر زميندار پنهنجي هوڏ تي قائم آهن.

آبادگارن نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري شاخ جي پڇڙي تائين پهچائين.

هوڏانهن ايس ڊي او بڪيراڻي سب ڊويزن عباس عمراڻي جو چوڻ هو ته پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏيارڻ تي بااثر زميندار آبپاشي عملي کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته هو ڌمڪين سبب نه ڊڄندا، پڇڙي جي آبادگارن کي واري تحت پاڻي ڏنو ويندو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے