24 بدھ , اکتوبر 2018

ڪلثوم نواز جي طبعيت بگڙي وئي،هڪ ڀيرو ٻيهر اسپتال منتقل

لنڊن (ويب ڊيسڪ )اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف جي گهرواري  ڪلثوم نواز جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي ،جنهن ڪري انکي  هڪ ڀيرو ٻيهر  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .  ذريعن موجب  ڪلثوم نواز  کي گهر تي چيڪ ڪندڙ ڊاڪٽرن گذريل ڏينهن  معائنو ڪيو . ۽ ڪمزوري سبب  ان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو  . ٻئي طرف  نواز شريف پنهنجي ڌيءَ  مريم  سان  ڪلثوم نواز   جي عيادت لاءِ  لنڊن روانو ٿي ويو آهي.  مريم نواز سوشل ميڊيا  تي  پنهنجي ٽوئيٽ  ۾ چيو ته  پنهنجي والده   سان ملڻ ۽ ان کي ڀاڪر  پائڻ لاءِ بيقرار آهيان . ياد رهي ته  ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا  بيگم ڪلثوم نواز گذريل ڪيترن ئي مهينن  کان علاج خاطر لنڊن ۾ موجود آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے