22 پیر , اکتوبر 2018

اهڙي پاڪستان جا حامي آهيون، جتي قانون جي حڪمراني هجي:آرمي چيف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ )ڊي جي آءِ ايس پي آر  ميجر جنرل  آصف غفور  سوشل ميڊيا  تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آرمي چيف  جنرل قمر جاويد باجوه  ڊفينس  يونورسٽي اسلام آباد   جو دورو  ڪيو ۽  ڪورس مڪمل  ڪندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏني . آرمي چيف  پاران قومي سلامتي  ۽ جنگي تربيتي  ڪورسز ڪندڙ آفيسرن  کي خطاب ڪندي  چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام  لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي .  پر خطي  ۾ جٽادار امن  لاءِ اسٽيڪ هولڊرز  کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته هر رنگ ۽ نسل  کان مٿانهون  ٿي پاڪستان جو تعلق  پاڪستانين سان آهي .  جنرل قمر جاويد باوجود  جو چوڻ هو ته  پاڪستان جي اندروني چيلينجز  کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته  قانون جي حڪمراني  ٿئي ۽  اسان کي فرضن جي ادائيگي  کي پنهنجي حقن جي برابر ترجيح  ڏيڻي پوندي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے