23 منگل , اکتوبر 2018

پوڻا6 ارب رپيا ڪرپشن جي جوابدار جو وي آءِ پي علاج،عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) سنڌ جي  اطلاعات کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين  جي ڪرپشن ريفرنس  جي ٻڌڻي  دوران عدالت جوابدار کي وي آءِ پي علاج ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . اطلاعات کاتي سنڌ ۾  اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي جوابدار  انعام اڪبر کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ  ميڊيڪل اسپتال ۾ خاص ٽريٽمينٽ ڏنو پيو وڃي . سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج  وڏي ڪرپشن جي  جوابدار  کي وي آءِ پي  علاج تي  آءِ جي جيل ، جيل سپرينٽينڊٽ  ۽ ڊاڪٽر سيمي جمالي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو . هاءِ ڪورٽ جي جج جشتس ڪي ڪي آغا ڪيس جي  ٻڌڻي دوران  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  هر وي آءِ پي  قيدي جي پي ايم سي  ۾ ئي ڇو وڃڻ چاهي ٿو . جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ڪنهن سان سٺو ڪنهن سان وري خراب وراتاءُ ڪيو پيو وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے