18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: جهڏو: پورهيت جو گهرواري ۽ ننڍڙي ڌيءُ کڻڻ تي ساهرن خلاف احتجاج

Jhudo: Protest against the martyrs on the occupation of labor and small-handed* جهڏي واسي پنهنجي گهرواري ۽ ننڍڙي ڌيءُ کڻڻ تي ساهرن خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

ميڊيا سينٽر ۾ عاشق ڪالوني جي رهواسي محمد اسلم کوسي دانهيو ته هن 5 سال اڳ سڪينه جروار سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان هڪ نياڻي جو اولاد پڻ آهي، 5 مهينا اڳ ساهرا سندس زال ۽ ڌيءُ زبردستي کڻي ويا آهن.

هن چيو ته هو پنهنجي زال ۽ چئن ورهين جي ڌيءُ کي وٺڻ ساهرن ڏانهن ويو ته کيس ڌمڪيون ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته سندس گهرواري ۽ ڌيءُ کي قيد رکڻ جي خبر پوڻ تي هن عدالت ۾ درخواست ڏني آهي، پر سندس سالا ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس ساهرن خلاف ڪارروائي ڪري سندس گهرواري ۽ ڌيءُ واپس ڪرائين…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڄام صاحب: فيصل رضا عابدي جي گرفتاري خلاف احتجاج

ڄام صاحب  ۾ فيصل رضا عابدي جي گرفتاري خلاف اصغريا ۽ اماميا اسٽوڊنٽ پاران عوامي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے