18 جمعرات , اکتوبر 2018

قومي ڪرڪيٽرن جو اسٽيو رڪسن کي خراج

ايڊنبرگ (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم طرفان عهدي جو مدو پورو ٿيڻ تي فيلڊنگ ڪوچ اسٽيو رڪسن کي خراج پيش ڪيو ويو. اسٽيو رڪسن جو ٻن ورهين جو مدو گذريل ڏينهن اسڪاٽ لينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ختم ٿي ويو هو، جنهن دوران هن آخري ڀيرو گرين شرٽس لاءِ خدمتون انجام ڏنيون. ان موقعي تي رانديگرن طرفان اسٽيو رڪسن کي خراج پيش ڪيو ويو. پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد رانديگرن جي صحيحن تي ٻڌل قومي ٽيم جي ٽي شرٽ پيش ڪئي، سمورن رانديگرن سندس خدمتن کي زبردست انداز ۾ خراج پيش ڪندي فيلڊنگ ڪوچ جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن مضبوط، ڪينگروز خلاف 281 رنسن جي سرسي

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم ابو ظهبي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے