22 پیر , اکتوبر 2018

سرينگر ۾رائيزنگ ڪشمير جو ايڊيٽر شجاعت بخاري محافظ سميت قتل

سري نگر(ويب ڊيسڪ) رائيزنگ ڪشمير  جو ايڊيٽر شجاعت بخاري  کي سري نگر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو . ان تي سن 2000 ع ۾ به قاتلاڻو  حملو ٿيو هو . حملي ۾ ان جو سڪيورٽي گارڊ به مارجي ويو هو جڏهن ته ڊرائيور زخمي ٿيو هو. سري نگر  ۾ سينيئر صحافي ۽ رائيزنگ ڪشمير  جي ايڊيٽر کي موٽرسائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن گوليون هڻي ماري ڇڏيو . شجاعت بخاري گهر کان آفيس وڃي رهيو هو ته هٿياربندن حملو ڪيو. اکين ڏٺن شاهدن موجب ويجهي کان شجاعت کي گوليون هنيو ويون .. جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب ان جو سڪيورٽي گارڊ به مارجي ويو  ۽ ان جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے