18 جمعرات , اکتوبر 2018

پريانڪا چوپڙا معاوضي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سميت دنيا جي لڳ ڀڳ سمورين فلم انڊسٽرين ۽ ٻين شعبن ۾ جيتوڻيڪ مردن ۽ عورتن جي معاوضي ۾ فرق هوندو آهي پر گذريل هڪ سال کان وٺي بالي ووڊ ۾ اهو فرق ختم ڪرڻ لاءِ مهم هلي رهي آهي. توڻي جو پريانڪا چوپڙا جو شمار بالي ووڊ جي مهانگي ۽ وڌيڪ معاوضو وٺندڙ اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي ۽ هوءَ اڪيلي ڀارتي اداڪارا آهي، جيڪا گذريل سال فوربز جي فهرست ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ 10 اداڪارائن ۾ شامل ٿي هئي پر هاڻ پريانڪا چوپڙا فلم ۾ معاوضي جي حوالي سان اهم فيصلو ڪندي پنهنجو معاوضو وڌائي ساٿي اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي برابر ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ايندڙ فلم ”ڀارت“ ۾ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ پريانڪا چوپڙا 12 ڪروڙ رپيا معاوضو ورتو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ساهو“ جي رليز واري تاريخ پرڀاس جي سالگرهه تي پڌري ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) مشهور فلم ”باهو بلي“ جي اداڪار پرڀاس جي نئين فلم ”ساهو“ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے