20 منگل , نومبر 2018

ميڊيڪل ڪاليج کي لاشن جي ضرورت کان آزاد ڪرائيندڙ ڊجيٽل لاش تيار

The Independent Calcutta Digital Body prepared by Medical College to launch the lotionپيرس(ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل ڪاليجن ۾ تجربن ۽ سرجري سکڻ لاءِ لاشن جي عطن جي هميشه کان کوٽ رهي آهي، هاڻ ان کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي آف مائونٽ پيليئر فرانس جي ماهرن ٿري ڊي اسڪينرز جي مدد سان هڪ مجازي لاش ورچوئل ڪيڊي ور تيار ڪئي آهي.ان ڊجيٽل لاش کي چيري ڦاڙي هر هر ڏسي سگهجي ٿو ۽ نوان ڊاڪٽر مجازي نشتر (اسڪيلپل) سان جسم جي جراحي جو تجربو ڪري سگهن ٿا.ان کي ٺاهڻ جي ضرورت ايئن پيش آهي جو پوري دنيا ۾ جراحي لاءِ لاشن جي عطين جي سخت کوٽ آهي ايئن ئي نوان ڊاڪٽر سرجري ۽ تجربن کان عاري آهن ۽ ڪجهه ميڊيڪل ڪاليجن ۾ هڪ به لاش موجود ناهي ۽ دنيا جا ڪجهه ملڪ اهڙا به آهن جتي لاشن جي بيحرتمي سبب ان جي چير ڦاڙ جي اجازت ناهي ڏني ويندي.ان نظام کي يونيورسٽي آف مائونٽ پيليئر جي ڊاڪٽر گيلام ڪيپٽيئر ۽ ان جي ساٿين تيار ڪيو آهي.پهرئين مرحلي ۾ انهن ڳاٽي ۽ پيڙو (پيلوس) جي جاين تي مجازي سرجري جي سهولت فراهم ڪئي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته انساني جسم تمام گهڻو پيچيدا آهي ۽ پوري جسم جو ڊائي سيڪشن سسٽم ٺاهڻ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن.ان جي تياري ۾ ڊاڪٽر گيلام ۽ ان جي مددگارن اصل لاش جي جراحي ڪئي آهي ۽ ان جي چمڙي لاهي ان کي جديد اسڪينر سان ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪيو آهي.ان مجازي نشترسان گڏ ان کي محسوس ڪندي سرجري ڪري سگهجي ٿي جڏهن ته اها ڊاڪٽرن ۽ شاگردن کي سئو سيڪڙو درست ڄاڻ فراهم ڪندي آهي ۽ هو ان تي خاطر خواهه تجربو حاصل ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے