16 جمعہ , نومبر 2018

لنڊن ۾ علاج هيٺ بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب ٿي وئي، 24 ڪلاڪ اهم قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس هڪ دفعو ٻيهر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي  جتي کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن سندس حياتي لاءِ 48 ڪلاڪ اهم قرار ڏنا آهن. بيگم ڪلثوم نواز کي گهر چيڪ ڪندڙ ڊاڪٽرن گذريل ڏينهن سندس معائنو ڪرڻ بعد ڪمزوري سبب کيس اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو جنهن اڳوڻي خاتون اول کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪلثوم نواز کي گذريل رات طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال جي ايمرجنسي يونٽ منتقل ڪيو ويو هو جتي کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو، آءِ سي يو ۾ ڪلثوم نواز دل جي تڪليف سبب ڪري پئي جنهن بعد کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي. ڪلثوم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو ته سندس امڙ کي تنهن وقت اوچتو دل جو دورو پيو جڏهن هوءَ لنڊن ويندڙ اڏام ۾ هئي. مريم نواز ٻڌايو ته سندس امڙ هاڻي آءِ سي يو ۾ وينٽي ليٽر تي آهي، هن قوم کي دعائن جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے