17 ہفتہ , نومبر 2018

افافغانستان ۾ ڊرون حملو, تحريڪ طالبان سربراهه ملا فضل الله جي مارجڻ جي تصديق  

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جو سربراهه ملا فضل الله مارجي ويو آهي. وائس آف آمريڪا موجب ڳجهي اطلاع تي آمريڪي ڊرون حملو افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ ڪيو ويو، حملي ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا، جنهن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جو سربراهه ملا فضل الله به شامل آهي. ملا فضل الله جا پهريون به مارجڻ جا افواهه ايندا رهيا آهن پر تصديق نه ٿي سگهي آهي. هڪ دفعو ٻيهر ملا فضل الله جي مارجڻ جا اطلاع آهن جنهن جي افغان بچاءَ واري وزارت تصديق ڪري ڇڏي آهي. افغان بچاءَ واري وزارت جي ترجمان محمد ردمنيش هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ملا فضل الله 13 جون تي ڪنڙ ۾ ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان جي انٽيليجنس ذريعن موجب 13 جون تي ملا فضل الله ڪنڙ جي ضلعي مرواره ۾ قائم بچائي مرڪز ۾ منعقد ٿيل افطار پارٽي ۾ ويو، اطلاع آهن ته رات 10 وڳي 45 منٽن تي جڏهن هو گاڏي ۾ ويٺو ته مٿس ڊرون حملو ٿيو، تنهن وقت 3 ساٿي به ساڻس گڏ هئا. ذريعن موجب حملي ۾ مارجي ويل پنجن ڄڻن جا لاش سڙي ويا جن کي 13 جون تي ئي دفن ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے