20 منگل , نومبر 2018

صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ آخري حد تائين وينداسين: حسن عسڪري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، قومي ذميواري کي سهڻي نموني ادا ڪيو ويندو. پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري سان چيف سيڪريٽري اڪبر دراني ۽ آءِ جي پنجاب ڪليم امام  ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آزاد، شفاف ۽منصفاڻي اليڪشن هر قيمت تي يقيني بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.  ان موقعي تي حسن عسڪري چيو ته نگران حڪومت صاف ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين پرامن ۽ شفاف چونڊ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا ويندا. هن چيو ته غير جانبدار اليڪشن يقيني بڻائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، عام چونڊن لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب پروفيشنل آفيسر آهن، کين پنهنجون ذميواريون پيشور انداز ۾ ادا ڪرڻيون آهن، ڪا به مداخلت يا دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي، توهان جي ڪارڪردگي ڳالهائي ته ڪو آڱر نه کڻي سگهندو. حسن عسڪري چيو ته عام چونڊن ۾ ووٽر پرامن ۽ آزاد ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا، نگران حڪومت شفاف اليڪشن ڪرائڻ جي قومي ذميواري سهڻي نموني ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے