15 جمعرات , نومبر 2018

ميڊيا ۾ مون کي خراب ڪردار جي عورت طور ڏيکاريو ويو: ريحام خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان چيو آهي ته مون کي سڄي دنيا ۾ هڪ خراب عورت طور ڏيکاريو ويو آهي. هڪ انٽرويو ۾ ريحام خان چيو ته ميڊيا ۾ منهنجي خلاف ناڪاري واويلا ڪئي وئي، مون کي سڄي دنيا ۾ خراب عورت جي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن چيو ته مون تي خاندان ۽ دوستن طرفان ڪتاب جي جلد ڇپائي تي دٻاءُ آهي، اڃا تائين مان ڪتاب جا نقطا منظر تي نه آندا آهن. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڪتاب ۾ اڳوڻي مڙس عمران خان ۽ سندس پارٽي طرفان جنسي طور هيسائڻ تي ڳالهيون ڪيون آهن. ريحام خان چيو ته اڃا تائين ڪتاب تي عوام جي پهچ ناهي، تحريڪ انصاف يا سندن ڪنهن ترجمان طرفان ڪنهن الزام ۾ ڪابه سچائي ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے